Home » کدڙي فقير رفيق جي پيشي دوارن عدالت ٻاهران ڇڪتاڻ
کدڙي فقير رفيق جي پيشي دوارن عدالت ٻاهران ڇڪتاڻ
مَي 30, 2023
سانگهڙ(رپورٽر)سانگهڙ جي ميونسپل ڪميٽي تي کدڙي فقير جي مخصوص سيٺ اهميت اختيار ڪري وئي، رفيق کي اڄ عدالت گهرايو ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب رفيق نه آيو
کدڙي فقير جي مخصوص سيٽ تي پ پ اميدوار کدڙي فقير رفيق عرف ببلي جو فارم بحال ٿيڻ خلاف جي ڊي اي جي درخواست تي سانگهڙ جي سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته کدڙي جي مخصوص سيٽ منتخب اميدوار رفيق ٽرانس جينڊر نه آهي ان کي اولاد به آهي ۽ دماغي توازن به درست نه اٿس ۽ گونگو ٻوڙو آهي جنهن تي عدالت پ پ جي کدڙي فقير اميدوار کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو