کرڙاهه ۾ اغوا بعد قتل نينگري جي خون سان انصاف لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي: ڌرڻي جو چتاءُ 

 کرڙاهه ۾ اغوا بعد قتل نينگري جي خون سان انصاف لاءِ سول سوسائٽي جي ريلي: ڌرڻي جو چتاءُ 

پيروسڻ (ن پ ا) پيروسڻ ڀرسان کرڙاھ شهر مان 9 ڏينهن اڳ اغوا بعد بيدردي قتل ٿيل ڇهن سالن جي نينگري انيسا ڌيءُ حيات ڦل جي قاتلن جي سھولتڪار جي گرفتاري لاءِ شھرين، سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين ۽ نوجوان اتحاد پيروسڻ طرفان کرڙاھ شهر ۾ ريلي ڪڍي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن شوڪت نوناري، خيرمحمد عامر، صوفي ياسين راڄپر، ارشاد ڦل، منظور سنڌي ،باسط سومرو،اياز ڦل ۽ ٻين چيو ته پوليس نينگري جي قتل ڪيس ۾ سهولتڪارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، معصوم نينگري کي اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش پوريو ويو هو، اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.