| کلاڙي ڪمار جي نياڻي کي هراسان ڪندڙ گرفتار |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اڪشي ڪمار جي 13 سالن جي نياڻي کي آن لائين هراسان ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو گذريل سال آڪٽوبر ۾ سامهون آيو هو، جڏهن اداڪار هڪ تقريب دوران انڪشاف ڪيو هو ته سندس نياڻي کي آن لائين گيم کيڏڻ دوران اڻڄاتل شخص نامناسب تصويرون موڪلڻ جو چيو، صورتحال کي سمجهندي ٻارڙي فوري طور گيم بند ڪئي ۽ پنهنجي والده کي آگاهه ڪيو.واقعي کانپوءِ سائبر ڪرائم سيل جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو.