ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ نِيپا چورنگي جي ويجهو کليل گٽر ۾ ٽن ورهين جو ٻارڙو ڪري پيو، جنھن جو لاش 14 ڪلاڪن کان پوءِ واقعي واري هنڌ کان هڪ ڪلوميٽر پري نالي مان مليو آهي۔ ان انتظامي نااهليءَ تي عوام سخت احتجاج ڪندي يونيورسٽي روڊ بند ڪري ڇڏيو. ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، پاڻيءَ هيٺ ڊائيونگ اوزار موجود نه هئڻ سبب شروع ڪيل آپريشن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ روڪيو ويو هو۔ ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، هن سال ڪراچي ۾ گٽر ۾ ڪرڻ وارن جو انگ 22 ٿي چڪو آهي، جيڪو شهر جي خستہ حال بُنيادي ڍانچي جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿو.
ڪراچي، جيڪو ملڪي معيشت جو مرڪز ۽ سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي، هتي روزانو لکين ماڻهو پنهنجي روزگار، تعليم ۽ علاج لاءِ رستن تي نڪرندا آهن. پر هن شهر جو الميو اهو آهي ته جاگرافيائي پيچيدگين کان وڌيڪ، انساني لاپرواهيءَ ۽ ادارن جي نااهليءَ ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون آهن. شهر جي روڊن ۽ گهٽيّن ۾ مين هولز ۽ سيوريج لائينن جا ڍڪ غائب آهن: ڪٿي چوري ٿي وڃن ٿا، ڪٿي پراڻن جي مرمت نٿي ٿئي، ۽ ڪٿي بلڪل لڳايا ئي ناهن ويندا. نتيجي ۾ هر نئين ڏينهن ڪنهن ٻار، ڪنهن پيرسن، يا ڪنهن عورت ۽ مرد جي زندگي انهن گٽرن جا اجگر راڪاس ڳڙڪائي ٿا وڃن. اهو سوال هر باشعور شهري پڇي ٿو تہ آخر ان لاپرواهي جو ذميوار ڪير آهي؟ ننڍڙا ٻار، جيڪي راند ڪندي گهٽين ۾ هلن ٿا، يا اسڪول وڃڻ لاءِ پيرين پنڌ نڪرندا آهن، انهن لاءِ هي کليل مين هول موت جا کوھ بڻجي ويا آهن. اهي حادثا “قدرتي آفت” نه آهن، اهي سڌي طرح انتظامي نااهلي جا نتيجا آهن. سنڌ حڪومت، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ـ اهي ٽيئي ادارا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شهر جي انفراسٽرڪچر جا ذميوار آهن. پر افسوس جو، جڏهن عوام انهن حادثن جي ذميواري بابت آواز اٿاري ٿو، تڏهن هر ادارو ٻئي تي ذميواري وجهڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. ڪير به پنهنجي نااهلي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڪراچي جو ميئر بھادر فرمائي ٿو ته اھو گٽر مين ھول نه پر نالو آھي. ھو ان لاءِ ذميوار جماعت اسلامي کي سمجھي ٿو ، جو اتي جو يوسي چيئرمين جماعت اسلامي جو آھي. هڪ معصوم ٻار جي زندگي کسجي وڃي، هڪ ماءُ جي جھولي خالي ٿي وڃي، هڪ خاندان ۾ ماتم برپا ٿي وڃي پر ادارا صرف هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ ۾ مصروف آهن. اها بدترين حڪمراني ۽ اھو بدترين سياسي رويو آهي. هن شهر جا سياسي اڳواڻ عوام جي تڪليفن کي حل ڪرڻ بدران انهن تي سياست ڪن ٿا. هر مسئلي جو حل گڏجي ڳولڻ بدران، اهي هڪ ٻئي کي بدنام ڪرڻ ۽ پوائنٽ اسڪورنگ ۾ وقت ضايع ڪن ٿا. اھا صورتحال صاف ظاهر ڪري ٿي ته عوام جا مسئلا انهن جي ترجيح ۾ ڪٿي به ناهن. ٽئي ادارا عوامي وسيلن مان هلن ٿا، عوام جي ٽيڪس تي ڪم ڪن ٿا، پر جڏهن عوام کي تحفظ ڏيڻ جي ڳالھ اچي ٿي، تڏهن ڪو به ادارو پنهنجو فرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇا ڪراچي سميت شهرن ۾ زندگيون ائين ئي خطري ۾ رهنديون؟ ڇا سياسي اداڪاري ۽ انتظامي بيهودگي برداشت ڪئي ويندي؟
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهرين، بغير ڍڪ وارن مين هولز جي نئين سر سروي ڪرائي وڃي، انهن جا ڍڪ فورن لڳايا وڃن ۽ اهڙن علائقن ۾ وڌيڪ روشني جو اھتمام ڪيو وڃي. ٻيو، اهي ادارا، جن جي ذميواري آهي ته مين هولز جي مرمت ۽ نگراني ڪن، انهن جي نااهلي يا ڪرپشن ثابت ٿئي ته سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بند ڪئي وڃي. عوامي مسئلن تي سياست نه پر حڪمت عملي، انتظام ۽ جوابدهي جي ضرورت آهي. انهيءَ شهر جا ماڻهو هر روز جيڪڏهن ڊپ سبب واڪ نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ ادارن جي موجودگي جو مقصد ئي ڇا آهي؟ عوام جو بنيادي حق آهي ته هو محفوظ رستن تي هلي سگهن، سندن ٻار بنا خوف جي اسڪول وڃي سگهن، ۽ سندن بزرگ روزمرهه ڪم بنا خطري جي ڪري سگهن. اسان کي اھا ڳالھ سمجهڻي پوندي ته: اگر ادارا پنهنجي ذميواري ناهن نڀائيندا ته شهر محفوظ نٿو رهي سگهي ۽ جيڪڏهن شهر محفوظ ناهي، ته پوءِ ترقي، سياست ۽ حڪمراني جون سڀ دعوائون ڪوڙيون ۽ بي معنيٰ آهن. اسان اھا. گھر ٿا ڪريون ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي نيپا چورنگي واري ڏکوئيندڙ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ نااهليءَ ۽ مجرماڻي غفلت جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.