کليل ڪچهريون، عوامي مسئلن جا انبار ۽ حڪمراني جو اصل چهرو

سنڌ ۾ حڪمران ڌر پيپلز پارٽي پاران ايم پي ايز ۽ وزيرن جي سطح تي کليون ڪچهريون ڪرائڻ جو سلسلو تازو وري شروع ٿيو آهي، جيڪو بظاهر عوام سان سڌي رابطي جو هڪ اهم ذريعو بڻجي رهيو آهي. سنڌ جي حڪومت لاءِ اهو قدم ڪنهن به شڪ کان بالاتر طور مثبت سمجهي سگهجي ٿو، ڇو ته هڪ اهڙي سماج ۾، جتي عام ماڻهو پنهنجي تڪليف ۽ روزمرهه مسئلا کڻي ڪنهن به سرڪاري آفيسر تائين پهچائڻ ۾ پاڻ کي لاچار محسوس ڪن ٿا، اتي کلي ڪچهري هڪ مضبوط پل ثابت ٿي سگهي ٿي. پر ان جي باوجود، انهن ڪچهرين ۾ سامھون ايندڙ حقيقتون حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال پڻ اٿاري رهيون آهن.

کليل ڪچهرين ۾ عوام جي شڪايتن جا انبار، ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سرڪار جي حڪمراني ۾ ڪيتريون ئي ڪوتاهيون موجود آهن. جيڪڏهن عوام وٽ سڀ ڪجهه ٺيڪ هلندڙ هجي ها، جيڪڏهن بنيادي سهولتون، تعليم، صحت، پاڻي، صفائي ۽ امن ۽ انصاف جي فراهمي اطمينان بخش هجي ها، ته پوءِ اهڙين ڪچهرين ۾ شڪايتن جا ڍير جمع نه ٿين ها. انهن انبارن ۾ دراصل حڪمراني جو اصل چهرو موجود آهي، جيڪو عوام جي زبان ذريعي صاف نظر اچي ٿو.

کلي ڪچهري عوام سان سڌي رابطي ۽ خود احتسابي جو بهترين طريقو آهي. حڪومت لاءِ اهو هڪ اهڙو وسيلو آهي، جنهن ذريعي نه رڳو غلطين جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پر انهن کي صحيح ڪرڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو. جيڪڏهن حڪمران ڌر سنجيدگي سان انهن شڪايتن کي وٺي، انهن جي حل لاءِ قدم کڻي، ته اهو بهتري ڏانهن هڪ اهم قدم ٿي سگهي ٿو. پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ گهڻو ڪري ٿئي ائين ٿو، ته کلي ڪچهري محض هڪ نمائشي عمل بڻجي وڃي ٿي. تصويرون، ميڊيا ڪوريج ۽ سياسي تشھير کان پوءِ گهڻا معاملا اڳتي نٿا وڌن. عوام ۾ اهو احساس وڌي رهيو آهي ته انهن ڪچهرين ۾ سندن مسئلا ته ٻڌا ويندا آھن، پر انهن کي حل نه ٿو ڪيو وڃي. ان کان به وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته انھن کليل ڪچهرين کان پوءِ شڪايت ڪندڙ ماڻهن سان انتظاميا جو انتقامي رويو سامهون اچي رهيو آهي، جيڪو پنهنجي نوعيت ۾ انتهائي قابلِ مذمت آهي. جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو انتظاميا جي ظلم خلاف آواز اٿاري، يا عملدارن جي ڪرپشن خلاف شڪايت ڪري، ۽ ان جي موٽ ۾ ان کي يا ان جي ڪٽنب کي انتقام جو نشانو بڻايو وڃي يا دٻاءُ وڌو وڃي، ته پوءِ اهڙي کلي ڪچهريءَ جو مقصد ئي ختم ٿي وڃي ٿو. اھڙي روش ذريعي عوام لاءِ اهو پيغام ھوندو آهي ته مسئلو کڻو ٿا ته سزا ڀوڳيو. اهو رويو نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي، پر عوامي اعتماد کي به سخت ھاڃو رسائي ٿو. اھڙي ئي رويي جو ھڪ مثال سجاول ۾ ٿيل کلي ڪچھريءَ ۾ پيش آيل واقعو آھي، جتي ضلعي چيئرمين خلاف شڪايت ڪرڻ تي شڪايت ڪندڙ شخص تي سخت تشدد ڪيو ويو، جنھن جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ کي وائسراءِ سمجھندڙ ضلعي چيئرمين کي به سندس حيثيت ياد ڏيارڻ گھرجي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ ڪير انھن کليل ڪچهرين ۾ مسئلا بيان ڪندو. اھڙي روش رھي ته پوءِ انھن کليل ڪچهرين مان ڪوبہ فائدو نه آهي. هڪ صحتمند سماج ۾، شڪايت ڪندڙ ماڻهو حفاظت، عزت ۽ حوصلي جا مستحق هوندا آهن، نه ڪي انتقام جا. جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي عوام سان رابطو رکڻ، انهن جي تڪليفن کي گهٽائڻ ۽ پنهنجي حڪمراني جي معيار کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿي، ته پوءِ سڀ کان پهرين انتقامي رويي کي ختم ڪرڻ گهرجي. انتظاميا کي سختي سان پابند ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن به شڪايت ڪندڙ سان بدسلوڪي نه ڪئي وڃي.

کلي ڪچهري جو حقيقي مقصد اهو آهي ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جو مضبوط رشتو قائم ٿئي. جيڪڏهن عوام کي يقين ٿي وڃي ته انهن جون ڳالهيون رڳو ٻڌيون نه ٿيون وڃن، پر حل به ڪيون وڃن ٿيون، ته پوءِ اهي ڪچهريون سماجي سڌاري لاءِ اهم فورم بڻجي سگهن ٿيون. ٻي صورت ۾ اهي رڳو ڪاغذي ڪارروائي ۽ سياسي ڏيکاءُ بڻجي رهنديون. آخر ۾ اهو چوڻ ضروري ٿا سمجهون ته سنڌ ۾ حڪمراني جي بهتري لاءِ کلي ڪچهريءَ جهڙي روايت کي مضبوط، شفاف ۽ بي خوف بڻائڻو پوندو. عوام جي مسئلن جا انبار آهن، ۽ مڃيون ٿا ته انهن جو حل هڪڙي ڏينهن ۾، هڪ اعلان يا هڪ ڪچهري سان نه ايندو. پر حڪمران واقعي به سنجيده آھن ته کين سمجھڻ گھرجي ته ان لاءِ نيت، سنجيدگي، ايمانداري ۽ سڀ کان وڌيڪ انتظامي ڍانچي جي سڌاري جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي گورننس بهتر بنائڻ چاهي ٿي ته پوءِ عوامي شڪايتن کي پنهنجي ڪمزوري نه، پر سڌاري جو دروازو سمجهي اپنائڻو پوندو.