ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ سميت ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن کي باهه لڳي وئي، ڪراچي ۾ کنڊ 2 سئو روپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي
مهانگائي سٽيل عوام سان زيادتيون بند نه ٿيون آهن، عام واهپي جي سڀ کان اهم شي کنڊ جا اگهه چوٽ تي پهتل آهن جنهن سبب غريب ماڻهن لاءِ کنڊ وٺڻ مهال بڻيل آهي
ڪراچي ۾ دڪانن تي کنڊ في ڪلو 200 رپيا وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي اگهن ۾ هڪ ڌڪ سان 15 روپين جو ٻيو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن بعد ڪوئيٽا ۾ کنڊ 220 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي
چمن ۾ کنڊ جو اگهه 230 روپيا في ڪلو ٿي ويو آهي جڏهن ته لاهور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 176 روپيا في ڪلو آهي، پر بازارن ۽ ننڍن دوڪانن تان کنڊ غائب ٿي وئي