کنڊ ذخيرن تي اطمينان، ڪمند جو مناسب اگهه ڏيڻ تي زور

کنڊ ذخيرن تي اطمينان، ڪمند جو مناسب اگهه ڏيڻ تي زور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ کنڊ جي ذخيرن ۽ قيمتن بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ اندر کنڊ جي وافر ذخيرن ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي جي رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزير اعظم اسحاق ڊار چيو ته کنڊ جي فراهمي جي صورتحال مستحڪم ۽ مڪمل طور ڪنٽرول ۾ آهي. کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام سان گڏ هارين کي به ڪمند جي مناسب قيمت ڏني وڃي. هارين جي مفادن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ ڪمند جي آبادگارن کي منصفاڻو معاوضو يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. وفاقي وزير قومي غذائي تحفظ آن لائين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.