| کنڊ مهانگي ٿيڻ جي ذميوار حڪومت، پرڏيهه مان گهرايل کنڊ وڪڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو: پاسما |
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان شُگرملز ايسوسيئيشن چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ايف بي آر پورٽلز جي بندش ۽ حڪومتي ڊيلرز جي ڪري ٿيو، ٻين سببن ۾ کنڊ جي بين الصوبائي چرپر تي پابنديون شامل آهن. جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انڊسٽري ڪافي وقت کان اهو چئي رهي هئي ته پورٽلز بندش سان کنڊ جي سپلاءِ گهٽ ٿيندي، حڪومت کي بندش سبب قيمتون وڌڻ جي حوالي کان به خبردار ڪيو ويو، حڪومت ملن تي دٻاءُ رکيو ته جيئن غير ضروري درآمدي کنڊ کي وڪرو ڪيو وڃي. ايسوسيئيشن چيو ته عوام جي اڪثريت درآمدي کنڊ کي پسند ناهي ڪيو. سنڌ ۾ پورٽلز بند رکيا ويا جيئن پورٽ تي درآمدي کنڊ کي پهريان وڪرو ڪري سگهجي جڏهن کان حڪومت اهي پابنديون لڳائي رهي هئي تڏهن کان کنڊ جي سپلاءِ گهٽ ٿيڻ لڳي. اهڙن قدمن سان کنڊ جون قيمتون وڌيون جنهن جي ذميوار شوگر انڊسٽري نه آهي، پنجاب ۾ ضلعي انتظاميه ملن کي مجبور ڪيو ته حڪومتي نامزد ڪيل ڊيلرز کنڊ وڪرو ڪن، جن مارڪيٽ ۾ پنهنجي فائدي لاءِ کنڊ مهانگي وڪرو ڪئي. بيان ۾ چيو ويو ته نئين کنڊ مارڪيٽ ۾ اچڻ سان قيمتون معمول تي اچڻ جو امڪان آهي حڪومت کان مطالبو آهي ته کنڊ جي بين الصوبائي ورهاست تي غير آئيني، غيرقانوني پابندي ختم ڪئي وڃي.