کهڙا مدرسي ۾ نينگر جو موت ڪيئن ٿيو؟ جاچ ڪميٽي قائم: گرفتاري نه ٿي: ڌرڻو

کهڙا مدرسي ۾ نينگر جو موت ڪيئن ٿيو؟ جاچ ڪميٽي قائم: گرفتاري نه ٿي: ڌرڻو

گمبٽ/کهڙا(نمائندن وٽان) کهڙا ۾  مدرسي ۾ نينگر عدنان چنو جي قتل ڪيس ۾ درگاھ مخدوم عبدالرحمان شهيد جي گادي نشين ۽ ٻين جو نالو ڪيس ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ڊي آءِ جي سکر،  اي ايس پي گمبٽ جي سربراهي ۾  جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڊي آءِ جي سکر اي ايس پي گمبٽ کي، جي آءِ ٽي جو سربراھ مقرر ڪندي ايس ايچ او کهڙا، آءِ ٽي انچارج، ايس ايچ او راڻيپور کي ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جاچ ڪميٽي کي انڪوائري ڪري رپورت جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.ٻي طرف نينگر جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ريلي ڪڍي کهڙا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ مقتول جي پيءُ وحيد علي چنا، ايڊووڪيٽ يونس چنا، نعيم احمد چنا، ممتاز علي،جسقم اڳواڻ  ڊاڪٽر نذير کوکر، امتياز ماڇي ۽ ٻين  چيو ته مدرسي جي طالب علم معصوم عدنان علي چنا کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي،هاڻي وري ڪوڙو خودڪشي جو ڊرامو رچايو پيو وڃي، پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته مدرسي ۾ سي سي ٽي وي فٽيج هجڻ باوجود ڪئميرا جا فٽيجز مٽايا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.