کهڙا ويجھو کير وڪرو ڪندڙ پورهيت کان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر 

کھڙا (ن پ ا) کهڙا لڳ ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ سم نالي وٽان نامعلوم ڦورو کير وڪرو ڪندڙ غلام عباس ناريجو کان روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، کير وارن ۽ ڳوٺاڻن ڊرٻ ميهڙ شاهه، پير محمد ناريجو لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين غلام عباس ناريجو، فدا ناريجو ۽ مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.
 

ڪنب ويجھو زمين جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي 
 

ڪنب (ن پ ا) ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرمحمد سومرو  ۾ سومرا ۽ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ فائرنگ ۾ توفيق سومرو ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري شفيق سومرو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڀٽ شاهه ۾ جسقم اڳواڻ جي گھر تي چڙهائي، پوليس تي زيور، پيسا ۽ ٻيو سامان کڻڻ جو الزام
 

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس جي ٽيم پاران جسقم اڳواڻ سيد هاشم شاھ جي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي، جنهن جي غير موجودگي سبب پوليس  تي گهر مان سون، روڪ رقم ۽ موبائل فون کڻي وڃڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، جسقم اڳواڻ سيد هاشم شاھ رابطو ڪرڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمع رات 12 فيبروري تي دير سان ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس پوليس جي 5 گاڏين ۾ سوار اهلڪارن طرفان انچارج جي اڳواڻي ۾ بلاجواز منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي غير موجودگي ۾ گهر ڀاتين کي حراسان ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو ۽ گهر ۾ پيل ڪجهه سون، روڪ رقم ۽ 3 عدد موبائل فون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن آئون هڪ سياسي سماجي ورڪر آهيان ۽ هميشه ڀٽ شاھ جي بنيادي مسئلن تي آواز اجاگر ڪندو رهيو آهيان جنهن جي ڏوھ ۾ منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري مونکي حرسان ڪيو پيو وڃي. مونکي حراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري انصاف ڪيو وڃي.
 

ڪنري ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ڪنٽرول روم قائم، سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون
 

ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ  طرفان عمرڪوٽ  کان پوء ڏوهن جي روڪٿام ۽ ڏوهارين جي نشاندهي لاء ڪنري شهر جي مک آمريڪن چوڪ  تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائي 15 مددگار سينٽر تي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو واپارين ۽ دڪاندارن جي مالي مدد سان ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آھي ڊسٽرڪٽ ڪمانڊ اينڊ  ڪنٽرول سسٽم جي  آئي ٽي ٽيم طرفان ڪيمرائون ۽ سسٽم لڳائڻ جو ڪم ڪيو پيو وڃي.   سسٽم جي لنڪ ايس ايس پي آفيس جي ڪنٽرول روم سان ڳنڍيل هوندي. ڪجهه ڏينهن بعد ڪنري شھر جي الله واري چوڪ ۽ ٻين چوڪن تي به ڪيمرائون لڳايون وينديون. ان سان نگراني جي نظام کي اثرائتو بڻايو ويندو.
 

سکر ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائي، ملاوٽ وارو کير وڪري تي دڪاندارن تي ڏنڊ  
 

سکر (بيورو رپورٽ) اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سکر بشريٰ منصور سنڌ فوڊ اٿارٽي سکر جي ٽيم سان گڏ شڪارپور روڊ تي قائم کير جي دڪانن جو اوچتو دورو ڪيو. دوري دوران کير جي معيار، سرڪاري اگهن ۽ صفائي سٿرائي جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي مختلف دڪانن مان کير جا نمونا وٺي موقعي تي ٽيسٽ ڪيا ويا، ٽيسٽن دوران ڪيترن ئي دڪاندارن طرفان ملاوٽ ٿيل کير وڪرو ڪرڻ ۽ ناقص صفائي جا انتظام هجڻ تي ڪارروائي ڪندي ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا.
 

کورواهه ۾ هٿياربند ڳوٺاڻي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار
 

کورواھه(ن پ ا) کورواهه ۾ بدامني وڌڻ لڳي آهي. ڪالهه ڏينهن ڏٺي جو کورواھ گولاڙچي روڊ تي شهر ڀرسان 4 نامعلوم ڦورو هٿيارن جي زور تي احسان پالاري کان سي ڊي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٻڌايو پيو وڃي ته احسان شهر ۾ کير ڏئي واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته نامعلوم ڦورو کائنس موٽرسائيڪل ڦري ويا ڦر جو اطلاع کورواھ ٿاڻي تي پڻ ڏنو ويو آهي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
 

ڊگھڙي ۾ صحافي ڀاون شاهه جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو
 

ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگھڙي جي سينئر صحافي مرحوم سيد ڀاون علي شاھ جي ياد ۾ پريس ڪلب ڊگھڙي پاران تعذيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي،تعذيتي ميڙاڪي کي صدر پريس ڪلب ڊگھڙي ساجد علي نوشاد،سرپرست اعلي امان الله مهر،جنرل سيڪريٽري احسان جروار، سيد جمال شاھ، سيد قمرالزمان شاھ، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي،قومي عوامي تحريڪ ضلع صدر شوڪت نوحاڻي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ محمد ياسين گجر،سماجي اڳواڻ صفدر علي خان قائمخاني، دليپ ڪمار جيواڻي، اڳوڻي صدر پريم ڪمار مهيشوري، سينئر صحافي، ادريس قريشي، حاجي جاويد اختر قريشي، سماجي اڳواڻ سيد علي شاھ، ارباب نوحاڻي، دليپ ڪيلا، سيد مزمل شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته صحافي پنهنجي قلم ذريعي عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائيندا آهن، عوام جي ٻرندڙ اهم مسلئن جي نشاندهي ڪرڻ پڻ صحافين جي ذميواري آهي، ڀاون شاھ جو وڇوڙو ڊگھڙي جي صحافت ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي.
 

سکر ۾ ڪارروائي، مزدا مان ڏيڍ ڪروڙ جا جعلي سگريٽ هٿ، هڪ ڄڻو گرفتار 
 

سکر (بيورو رپورٽ) پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي دوران انڊس هاءِ وي تي ڪروڙن رپين ماليت جا جعلي سگريٽ هٿ ڪري هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس مطابق سکر بس ٽرمينل جي ويجهو ڳجهي اطلاع تي هڪ مزدا گاڏي مان جعلي سگريٽن جا 130 ڪارٽون، 65,000 جعلي سگريٽن جا پيڪيٽ هٿ ڪيا ويا، جن جي قيمت تقريبن ڏيڍ ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي. گرفتار شخص کان پڇا ڳاڇا وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي.