کهڙا ۾ اڄڻ-ڪليري تڪرار تان سارين جي سٽ ڪندڙ نوجوان قتل: نينگر زخمي

کهڙا ۾ اڄڻ-ڪليري تڪرار تان سارين جي سٽ ڪندڙ نوجوان قتل: نينگر زخمي

کھڙا(رپورٽ: لياقت علي چنا) کھڙا ۾ اڄڻ-ڪليري تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، نينگر زخمي، کهڙا ويجھو زرعي زمين ۾ سارين جي فصل جي سٽ تي ڪم ڪندڙ 20 ورهين جي ميان امام الدين ولد ميان زاهد اڄڻ کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ نينگر عاجد ولد ماجد اڄڻ زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، نوجوان جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، هٿياربندن طرفان هڪٻئي تي حملا ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، ٻي طرف ايس ايچ او کهڙا امير علي چانگ چيو ته ڪليري ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري اڄڻ ڌر جو نوجوان قتل ۽ نينگر کي زخمي ڪيو آهي،  وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.