| کهڙا ۾ مدرسي جي شاگرد جو ٽيجھو، قاتل پڪڙ ۾ نه آيا |
کھڙا (ن پ ا) کهڙا ۾ ڳوٺ ارباب علي چنا ۾ قتل ٿي ويل مدرسي جي شاگرد عدنان علي چني جو ٽيجهو ٿي گذريو، مقتول نينگر جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي، نثار احمد چنا، نثار ابڙو، سيد مکڻ شاھ. ۽ ٻين تڏي تي پهچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ٻي طرف نينگر جي خون سان انصاف لاءِ چنا برادري جي ماڻهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن نثار احمد چنا، ن ليگ ضلعي صدر محمد ڏنو لاکو ،جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نظير کوکر ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي جاچ ڪميٽي جوڙي آهي پر 4 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي، هنن چيو ته جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، جاچ ڪرائي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي.ٻي طرف مخدوم نديم احمد مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف اهلسنت جماعت پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نينگر جي قتل ڪيس ۾ مخدوم عبدالرحمان شهيد جي سجاده نشين مخدوم نديم احمد کي نامزد ڪرڻ خلاف ميرل گلال، مولوي محمد يعقوب سڪندري، مولوي اڪبر علي، مولوي حفيظ الرحمان، مولوي محمد بلال ڦلپوٽو، مولوي محمد مشفق رتڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بيگناهه مخدوم نديم احمد جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.