کورواهه لڳ عورت فوت، بااثر لاش دفنائڻ نه ڏنو، ڇڪتاڻ، پوليس پهچي تدفين ڪرائي

ڊسمبر 9, 2024

کورواهه (رپورٽر: ابراهيم مخدوم) کورواهه لڳ عورت فوت، لاش دفنائڻ تان ڇڪتاڻ، پوليس تدفين ڪرائي خبر موجب کورواهه ويجهو ڳوٺ جمعون خاصخيلي ۾ پورهيت مصري خاصخيلي جي 40 ورهين جي زال ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪالهه لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جو مڙهه دفنائڻ لاءِ وارث کڻي قبرستان پهتا ته علائقي جي بااثر شخص غلام محمد سمون قبرستان جي مالڪي ظاهر ڪندي لاش دفنائڻ کان ڳوٺاڻن کي روڪي ڇڏيو، ڌرين ۾ چڪتاڻ وڌڻ بعد علائقي واسين جي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي پنهنجي نگراني ۾ عورت جو لاش دفن ڪرايو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن پوڙهو خاصخيلي، گلڻ خاصخيلي، صالح جمالي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بااثر غلام محمد سمون قبرستان جي زمين جا ڪوڙا ڪاغذ پنهنجي نالي تي ٺهرائي علائقي واسين لاٰءِ آزار ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هي قبرستان سرڪاري ايراضي تي ٺهيل آهي، پر هو چوي ٿو ته قبرستان جي زمين منهنجي کاتي جي آهي، جڏهن ته هي قبرستان هن جي ڄمڻ کان به اڳ جو قائم ٿيل آهي، هتي مختلف برادرين جا ماڻهو به دفن ٿيل آهن، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اختياريون هن معاملي جو نوٽيس وٺي علائقي واسين جي ميتن کي توهين کان بچائين.

Leave A Comment