| کورواهه مان نائين درجي جو شاگرد کنڀي گم، ڌرڻو، چڪريون |
کورواھه(ن پ ا) کورواھ جي ڳوٺ بجاري شريف واسي نوجوان نائين ڪلاس جي شاگرد عبدالعليم مهيري کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف مهيري برادري پاران ڪراچي بدين مين روڊ تي بچل واٽر اسٽاب تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون. يار محمد مهيري، ابراهيم ،مهيري ڪامريڊ وڪيو ميمڻ، اسماعيل ناز نوتڪاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جو نوجوان نائين ڪلاس جو شاگرد عبدالعليم مهيري گذريل هڪ مهيني کان گم آهي جنهن کي هڪ مهينو پهرين گولاڙچي جي علائقي احمد راڄو مان مبينا کنڀي گم ڪيو ويو آهي پر سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي هنن چيو اسان گذريل هڪ مهيني کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته نوجوان جو ڪو ڏوھ آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي لڳل ڌرڻي تي گولاڙچي کورواھ ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري ڏني جنهن بعد پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون پڻ ٿيون. رابطو ڪرڻ تي ڌرڻي ۾ ويٺل مرشد مهيري ٻڌايو ته ڌرڻو جاري هو ته پوليس هوائي فائرنگ ڪئي جنهن بعد پٿرائو پڻ ٿيو هن چيو ته اسانجي ٻن ڄڻن ابراهيم مهيري ۽ حاجن مهيري کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته ايس ايڇ او گولاڙچي انور لغاري جو چوڻ هو ته ڌرڻي ختم ڪرڻ لاء پهتاسين ته مظاهرين پٿرائو ڪيو جنهن بعد چڪريون ٿيون آهن نوجوان جي گمشدگي بابت ڪا خبر ناهي. ٻئي پاسي عبدالعليم مھيري جي والد ابراھيم مھيري سمت پنجاھ احتجاج ڪندڙ گوٺاڻن تي پوليس جي فريادتي ايف آئير داخل ڪئي وئي آهي، جڏھن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي آهي.