کورواهه (ن پ ا) کورواهه ۾ جر کارو ٿي ويو آهي شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، جر جو کارو پاڻي واپرائڻ سبب ڪاري ڪامڻ جي بيماري ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
هلندڙ مهيني دوران وڌيڪ 17 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن جنهن سان علائقي ۾ مريضن جو تعداد 112 ٿي ويو آهي.
صحت مرڪز کورواھ جي عملي موجب گذريل 88 ڏينهن دوران 827 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 112 مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي.