کورواهه ۾ 16 ورهين جي ڇوڪريءَ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

جُون 14, 2023

کورواھ ( ن پ و) کورواهه ويجهو  16 ورهين جي ڇوڪري ياسمين نوحاڻي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

ڳوٺ ڀلو نوحاڻي ۾ 16 ورهين جي نينگري ياسمين ڌيءَ عبدالعزيز نوحاڻي گهر اندر رسو ڳچي ۾ وجهي ڦاهو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

اطلاع تي کورواھ پوليس پهچي لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نينگري جي آپگهات تي گهر ۾ ڪهرام متل آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته  مائٽن موجب ياسمين ڳچي ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام