کوکراپار ۾ 10 ڪلوميٽر ايراضي کي باهه، جهنگلي جيوت ۽ وڻ سڙي ويا
ڊسمبر 18, 2024
عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) کوکراپار ۾ 10 ڪلوميٽر ايراضي کي باهه، جهنگلي جيوت ۽ وڻ سڙي ويا، چوپايو مال به سڙي مرڻ جا اطلاع خبر موجب پاڪ ڀارت بارڊرکوکراپار ويجھو پراسرار طور تيز رفتار باهه 10 ڪلو ميٽر ايراضي کي گھيري ۾ آڻي ورتو، جنھن سبب علائقي واسين ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي، اطلاع ملڻ تي ڊي سي عمرڪوٽ، ايس ڊي ايم ۽ مختيارڪار عمرڪوٽ سميت رينجرز ۽ پوليس آفيسر توڙي جوانن جا جٿا پڻ پھتا، جڏھن ته فائر برگيڊ جون ٽي گاڏيون کوکراپار لڳ پھچي بيھي رھيون ۽ فور ويل نه ھجڻ ڪري ٿر جي ڪچي ۾ وڃي نه سگھيون، علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو، سوشل ميڊيا تي کوکراپار، جالو چوئنرو ۽ مھيندري جو پار جي عوام کي مدد لاءِ پھچڻ جون اپيلون ڪيون ويون، سوين ڳوٺاڻن پنھنچي مدد پاڻ تحت باھه تي ڪنٽرول ڪيو، جڏھن ته ڳوٺ نپلو ۽ ڀرپاسي جو اٺ کان ڏهه ڪلوميٽرن تائين علائقو باهه سبب سخت متاثر ٿيو آھي، باهه مبينه طور ڀارتي علائقي مان پاڪستاني بارڊر لڳ کوکراپار داخل ٿي آھي، باهه ريگستاني وارياسي علائقي کي گھيري ۾ آندو آھي، جنھگ ۾ وڻ ۽ ڪجھه چوپايو مال توڙي جهنگلي جيوت پڻ سڙي مرڻ جا اطلاع آھن، باهه ٿر جي ڳوٺن نپلو، سومون، سمان، راڻڪڏهر ۽ کوکراپار وارن علائقن جي جھنگ وارن علائقن کي متاثر ڪيو، بروقت باهه تي ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب باهه 8 کان ڏهه ڪلو ميٽرن تائين جي ايراضي ۾ ڦلجهي وئي، پاڻي نه هئڻ ڪري ڳوٺاڻن کي باهه وسائڻ ۾ مشڪلاتون آيون، ان سلسلي ۾ ضلعي چيئرمين عمرڪوٽ حاجي بقا پلي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن وڏي مڙسي ڪئي انتظاميه فائربرگيڊ گاڏيون اتي اماڻيون، هن چيو ته باهه تي ڪنٽرول ٿي ويو آھي، جيڪا پنھنجي کوکراپار واري بارڊر کي لڳندڙ کپري واري اڇڙي ٿرکان باهه پھتي، ٻئي طرف ڊي سي عمرڪوٽ نويد رحمان لاڙڪ ٻڌايو ته باهه وسامي وئي آھي، ڳوٺاڻن به ھمٿ ڪئي، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته باهه ڀارتي علائقي مان آئي ھئي، مون ان ڏس ۾ اي سي ۽ مختيارڪار عمرڪوٽ کي ٻن ڏينھن اندر ٿيل نقصان ۽ صورتحال بابت سروي ڪري رپورٽ ڏيڻ جون ھدايتون ڏنيون آھن، جڏھن ته يوسي کوکراپار جي چيئرمين عبدالجبار سومرو ٻڌايو ته اسان جي يوسي کوکراپار ٿر ننڌڻڪي آھي، ڪو چونڊيل نمائندو ناھي پھتو، ماڻھن جو فصل، وڻ ۽ چوپايو مال جو نقصان ٿيو آھي، ان جو فوري طور سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي ازالو ڪري.