| کوکرا پار نيشنل فٽبال اسٽيڊيم جي گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش: رانديگرن جي مزاحمت: احتجاج |
ڪراچي (رپورٽ: سارنگ خاصخيلي) ڪراچي ۾کوکرا پار نيشنل فٽبال اسٽيڊيم جي گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش، رانديگرن جي مزاحمت تي هٿيار بند فرار ٿي ويا، رانديگرن ۽ علائقي واسين جماعت اسلامي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. تفصيل موجب شهر جي ڏورانهين علائقي اختر ڪالوني واسي بااثر شخصيت راجا رضوان هٿياربند وٺي کوکرا پار ۾ 1972 کان قائم نيشنل فٽبال اسٽيڊيم جي گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، هٿياربندن اسٽيڊيم جي بائونڊري وال پڻ ٽوڙي ڇڏي، جڏهن ته رانديگرن ۽ علائقي واسين ان عمل خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، بعد ۾ جماعت اسلامي پاران يوسي چيئرمين وسيم مرزا ۽ وائيس چيئرمين عبدالغفار عزيز جي اڳواڻي ۾ رانديگرن ۽ علائقي واسين احتجاج ڪيو ان موقعي تي قبضا مافيا خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. چيئرمين غفار مرز ۽ وائيس چيئرمين غفار عزيز چيو ته اختر ڪالوني واسي بااثر راجا رضوان هتي اچي جعلي ڪاغذ ظاهر ڪري گرائونڊ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، حڪومت نوٽيس وٺي. هنن چيو ته کوکرا پار نيشنل فٽبال اسٽيڊيم 1972 کان رجسٽرڊ ٿيل آهي، هتي ڪيترائي وڏا ٽورنامينٽ پڻ ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ شهر جون ڀلوڙ ٽيمون حصو وٺي چڪيون آهن هنن مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.