| کيبر ويجهو پوليس ۽ روينيو عملدار ڳوٺ تي ڪڙڪي پيا، گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش، مزاحمت، ڌرڻو |
کيبر (رپورٽ: علي حيدر ملاح) کيبر ويجهو ڳوٺ جمعه شھوڪ ۾ مين نيشنل هاءِ وي ڀرسان ويٺل مڱڻهار، ڀچا، شھوڪ ۽ باگڙي برادري جي گهرن تي پوليس ۽ روينيو جي عملدارن چڙھائي ڪري گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ڳوٺاڻن جي ساڻن منهن ماري بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي، واقعي خلاف متاثر ڳوٺاڻا روڊن رستن تي نڪري آيا، سليم سنڌي ، امير علي کوسو ، محمد علي کوسو ۽ مگڻھار برادري جي فقير فيض علي مڱڻھار ، فقير جمن مڱڻھار ، گل حسن کوسو سميت عورتن ۽ معصوم ٻارن پاران ڳوٺ جمعه شھوڪ ۾ قومي شاھراھ تي احتجاج ڪندي چيو ته بااثر جعلي کاتا ٺھرائي پوليس جي مدد سان هر آئي مھيني ۾ بار بار گهرن تي چڙھائي ڪري گهر خالي ڪرائڻ چاھي ٿو اڄ به روينيو ۽ پوليس جا اٽالا وڏي انگ ۾ پهتا آهن ۽ گهر خالي ڪرائڻ لاءِ زور وڌو ويو، مظاھرين جو چوڻ هو ته هن ڳوٺ ۾ گذريل 70 سالن کان آباد آهيون، متاثرين مٽياري تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شفاف جانچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي