کيرٿر جي جابلو پٽي ۽ ڪارونجهر مان نيئون وهي آيون، ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا

جُولاءِ 8, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) کيرٿر جي جابلو پٽي ۾ رات دير سان وسڪاري بعد ڪاڇي ۾ مختلف نيئون وهي آيون، گاج، انگئي، هليلي، نري، کنڌاني، ڪڪڙاني ۽ ٻيون نيئون وهي اچڻ سبب جوهي ڇني روڊ ڏيڍ هفتي کان پاڻيءَ هيٺ آهن

ڳوٺ الهداد شاهاڻي، ڳوٺ سجاول آلکاڻي ۽ ٻين ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ميهڙ ۾ به وسڪارن بعد دَلان، مرزاڻي، سگهرو، ٻوري ۽ سالاري نيئون وهي آيون، شاهه گودڙيو ۽ فريد آباد روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو

فريد آباد، شاهه گودڙيو ۽ گڙتل سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو، نيئن جي وهڪري ۾ ڪاڇي ڏانهن ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي لڙهي وئي، ٽرالي ۾ سوار ماڻهن کي بچايو ويو هوڏانهن ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي برسات بعد ڪارونجهر مان نيئون وهي آيون

Leave A Comment