کير آڻيو، سنگهي ٻڌائينداسين ته ملاوٽي آهي يا نه؟ هاءِ ڪورٽ

کير آڻيو، سنگهي ٻڌائينداسين ته ملاوٽي آهي يا نه؟ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي قيمتن بابت ٻڌڻي دوران کير جي قيمتن، ملاوٽ ۽ دڪان سيل ڪرڻ بابت اهم ريمارڪس ڏنا ويا، سرڪار پاران  جواب لاءِ مهلت گهرڻ تي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي،  درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڪمشنر ڪراچي کي کير جا اگهه مقرر ڪرڻ  جو اختيار حاصل آهي، ٻڌڻي دوران صفائي جا جواز ڏئي دڪان سيل ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو ويو، عدالت کان درخواست ڪئي وئي ته سرڪاري جواب تائين دڪاندارن خلاف ڪارروائي روڪي وڃي، عدالت سوال ڪيو ته ڇا اوهان ڪڏهن دڪان تان کير وٺي استعمال ڪيو آهي؟ مينهن جو کير استعمال ڪرڻ سان فرق واضح ٿيندو، عدالت چيو ته ڪراچي ۾ موجود کير ۾ اڳ ئي ملاوٽ ٿيندي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته غلط اگهه مقرر ٿيڻ ڪري دڪاندار ملاوٽ ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان وٽ کير آڻيو، سنگهي ٻڌائي ڇڏينداسين ته ملاوٽ آهي يا نه؟  عدالت ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.