| کير ٿر نيشنل پارڪ: جهنگلي جيوت ۽ ثقافت کاتن کان جواب طلب |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) کير ٿر نيشنل پارڪ جي تحفظ، غيرقانوني شڪار ۽ ريتي بجري ڪڍڻ خلاف درخواست تي نوادرات کاتي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جواب جمع ڪرايو ويو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جهنگلي جيوت، ثقافت کاتي ۽ ٻين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي لتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته عدالت سنڌ حڪومت کي کير ٿر نيشنل پارڪ جي زمين جي الاٽمينٽ کان روڪي رکيو آهي، عدالت وائلڊ لائيف جي سيڪريٽري کان گذريل 10 سالن دوران کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ جهنگلي جيوت بابت ورتل اپائن جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي، درخواستگذار حفيظ بلوچ جو چوڻ آهي ته نيشنل کير ٿر پارڪ ۾ 114 جانور، پکي، مڇيون ۽ ٻيا موجود آهن، پارڪ جو ڪجهه حصو ريتي بجري ڪڍڻ لاءِ ڪمرشل ڪيو پيو وڃي. جنهن سبب جهنگلي جيوت کي خطرا آهن ڪمرشل سرگرمين سان تاريخي جڳهن ۽ قبرستان کي نقصان پهچڻ جو به خدشو آهي، جهنگلي جيوت ۽ پکين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.