| کير ٿر پارڪ ۾ ٻيلن جي غيرقانوني واڍي، 13 گاڏيون ضبط، 10 گرفتار |
نوري آباد (ن پ ا) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ ٻيلن جي غيرقانوني وڻ ڪٽائي خلاف سخت ڪاررواين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي،ضلعي انتظاميه جي ڪارروائي دوران غيرقانوني طور ڪٽيل ڪاٺ سان ڀريل 13 گاڏيون ضبط ڪيون ويون، جڏهن ته 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي،ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻيلن جي غيرقانوني وڻ ڪٽائي روڪڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو طارق ڪاڪا جي سربراهي ۾ هڪ خاص ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولا خان برڪت علي ڪلهوڙو، ٻيلو کاتو، وائلڊ لائيف کاتو، پوليس ۽ روينيو کاتي جا آفيسر شامل هئا، ڪميٽي کير ٿر نيشنل پارڪ ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن جو تفصيلي دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولا خان برڪت علي ڪلهوڙو پوليس سان گڏيل ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور ڪاٽيل ڪاٺ سان ڀريل 13 گاڏيون ضبط ڪري ورتيون، جڏهن ته 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻو نوري آباد منتقل ڪيو ويو