کٽي آيو خير سان: نامزد ميئر ڪاشف شورو مٿان نوٽن جي برسات
جُون 6, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پيپلزپارٽي پاران حيدرآباد لاءِ ميئر ڪاشف شورو کي نامزد ڪيو ويو آهي جنهن جي خوشي ملهائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي
پ پ قيادت پاران حيدرآباد جي ميئر لاءِ ڪاشف شورو جي نالي جو اعلان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ نه رڳو مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو پر جشن جهڙو ماحول جڙي ويو
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نامزد ميئر کي گلن جا هارا پارايا وڃن ٿا، مٿان پئسن جي گهور به ٿي رهي آهي، دهل شرنائين سان کٽي آيو خيرن سان ڌن وڄائي پئي وڃي
Of the people, by the people, for the people.
People of hyderabad congratulated Mr @KashifShoroPPP on being nominated as Mayor Hyderabad. 💘💪 pic.twitter.com/EULg06Plxx— Saba Hyder (@SabaHyder1) June 5, 2023