| کپرو: اٽو 800 رپيا مھانگو: في مڻ 5000 رپين ۾ وڪامڻ لڳو: شهري پريشان |
کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) کپرو تعلقي ۾ ڪڻڪ جو اٽو 800 رپيا مھانگو؛ في مڻ 5000 رپين ۾ وڪامڻ لڳو، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي پاران سرڪاري گدامن مان فلور ملن ۽ اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ فراھم نه ڪرڻ ۽ چڪي مالڪن پاران کليل مارڪيٽ مان خريداري ڪرڻ سبب کپرو، ھٿونگو، ڍليار، ڀٽ ڀائٽي، لوڻ کاڻ، عالم آباد، سرن واري سميت تعلقي جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي اگهه ۾ 800 رپيا في مڻ اضافو ٿي ويو آھي، فلور ملز ۽ چڪي مالڪن موجب سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 3200 رپيا في مڻ مقرر ڪيو هو ، خوراڪ کاتي جي عملدارن پاران کين گهرج موجب ڪڻڪ نه ڏيڻ سبب اهي کليل مارڪيٽ مان ڪڻڪ 4200 کان 4400 رپيا في مڻ خريد ڪري رهيا آهن، مهانگي ڪڻڪ خريدڻ سبب اهي اٽو 5000 روپيا في مڻ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، اهڙي صورتحال سبب مھانگائي کي منھن ڏيندڙ مسڪين شهري ڏچي ۾ اچي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته اٽي جي اگھن ۾ گھٽتائي آندي وڃي.