کپرو: بٺي تي ڇاپو: عورتن ۽ ٻارن سميت 16 بازياب

کپرو: بٺي تي ڇاپو: عورتن ۽ ٻارن سميت 16 بازياب

کپرو (ن پ ا) کاهي پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو: عورتن ۽ ٻارن سميت 16  مزدور بازياب، ان ڏس ۾ ايڊيشنل سيشن جج صدوري زال بادل اوڏ جي درخواست  تي کاھي پوليس کي بازيابي جو حڪم ڏنو، پوليس ڀٽياڻي اسٽاپ ڀرسان شيرخان پٺاڻ  جي بٺي تي ڇاپو ھڻي عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت اوڏ برادري جي 16 مزدورن کي بازياب  ڪرائي عدالت  ۾ پيش ڪيو، جتي کين مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، بازياب ٿيلن ۾  بادل، گل بھار، شريمتي  ساڏان، روپچند، سومري، بهادر، قابل،شريمتي ساران،  روپو، هرچند ۽ ٻيا شامل آهن، ٻئي طرف بٺي مالڪ  شير خان پٺاڻ موجب مون وٽ ڪا جيل ناهي، مزدورن تي 9 لک  رهيل هئا،