کپرو: سرڪاري ڪڻڪ پنجاب اسمگل جو ڪيس اينٽي ڪرپشن حوالي

کپرو: سرڪاري ڪڻڪ پنجاب اسمگل جو ڪيس اينٽي ڪرپشن حوالي

کپرو(ن پ ا) کپري جي سرڪاري گدام مان پنجاب اسمگل ٿيندڙ پوڻا 2 ڪروڙن جي ڪڻڪ سان ڀريل 9 ٽرڪن کي سرڪاري گدام ۾ بيهاريو ويو، ڪالهه کپرو پوليس سول جج جي عدالت ۾  ايف آءِ آر پيش ڪئي، عدالت معاملو اينٽي ڪرپشن نوابشاهه حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ بعد اهو ڪيس اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ هلندو