کپرو: سرڪاري ڪڻڪ پنجاب اسمگل  جي ڪوشش ناڪام: 9 ٽرڪون ضبط: 12 گرفتار

کپرو: سرڪاري ڪڻڪ پنجاب اسمگل  جي ڪوشش ناڪام: 9 ٽرڪون ضبط: 12 گرفتار

کپرو(رپورٽ: آزاد راڄڙ)کپري مان پوڻا 2 ڪروڙن جي سرڪاري ڪڻڪ پنجاب اسمگل موڪلڻ جي ڪوشش ناڪام: 9 ٽرڪون ضبط: 12 گرفتار، ان ڏس ۾ کپري جي سرڪاري ڪڻڪ جي گدام مان گدام انچارج پاران غير قانوني نموني ھزارين مڻ ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڪرڻ جي اطلاع تي خوراڪ کاتي جي ٽيم ڪاروائي ڪري سانگهڙ مان ڪڻڪ سان ڀريل 9 ٽرڪن کي تحويل ۾ ورتو، ڊي ايف سي سانگھڙ منور آرائين جي فرياد تي کپري ٿاڻي تي  فوڊ گدام جي انچارج عباس ميمڻ، فوڊ انسپيڪٽر عابد پنھور، نئون ڪوٽ جي واپاري امن ڪمار لوھاڻو. ڪوٽڙي جي اشوڪ لوھاڻو. حيدرآباد جي آفتاب عرف الطاف ٻگھيو ۽  9  ٽرڪ ڊرائيورن خلاف قلم 409. 420. 34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪرايو آهي، پوليس 9 ڊرائيورن ۽ واپارين جي ٽن منشين کي گرفتار ڪري ورتو، رات دير سان سانگهڙ ۾ پڪڙيل ڪڻڪ جون 9 ٽرڪون کپري آنديون ويون، ذريعن موجب هڪ مهيني کان ڪڻڪ  ٽرڪن ذريعي سانگهڙ کان پنجاب منتقل ٿي رهي هئي، هٿ ڪيل ڪڻڪ جي ماليت هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي. واضح رهي ته کپري جي سرڪاري گدام ۾  هڪ لک مڻ ڪڻڪ پيل هئي