کپرو ۾ ٽول ٽيڪس غيرقانوني قرار، روڊن تان اڏا ختم ڪرڻ جي هدايت

جُولاءِ 27, 2023

کپرو (رپورٽ ) سول جج  ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ کپرو پاران ٽول ٽيڪس غيرقانوني قرار۔کپرو جي مختلف روڊن تي قائم ٽول ٽيڪس اڏا ختم ڪرڻ جي ھدايت۔غير قانوني ٽيڪس وٺندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

 کپرو جي سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ محمد ھاشم نوتڪاڻي جي عدالت پاران کپرو جي ميرپورخاص روڊ۔سانگھڙ روڊ۔عمرڪوٽ روڊ ۽ سھونجي روڊ تي قائم غير قانوني پارڪنگ فيس جي نالي تي ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

عدالت فوري طور ٽول ٽيڪس ختم ڪرڻ جي ھدايت جاري ڪري ڇڏي، عدالت ميونسپل ڪاميٽي آفيسر کپرو کي اهڙي هدايتن تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

کپرو ۾ سياسي اثر سبب زبردستي ننڍين وڏين گاڏين کان ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪئي ويندي ھئي، سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ کپرو محمد ھاشم نوتڪاڻي سانگھڙ روڊ تي ڇاپو ھڻي غير قانوني ٽيڪس اوڳاڙي خلاف ميونسپل آفيسر کپرو کي 25 تاريخ تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪئي هئي

غير تسلي بخش جواب بعد عدالت سمورن رڊن تي قائم غير قانوني ٽول ٽيڪس ختم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي

Leave A Comment