کپري لڳ نارا ڪئنال کي لڳل گهارو 10 ڪلاڪن بعد بند

مَي 30, 2023

کپرو(ن پ ا) کپرو لڳ ناراڪئنال کي آر ڊي57 وٽان پيل 10فٽ گهارو 10 ڪلاڪ بعد بند ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن موجب ته صبح 5 وڳي نارڪئنال ۾ پاڻي جودٻاءُ وڌڻ ۽ ناراڪئنال جو بند ڪمزور هئڻ ڪري گهارو پيو.

 ڏينهن هئڻ سبب  ڳوٺاڻن ناراڪئنال جو بند ٽٽڻ نه ڏنو. ناراڪئنال کي بندڪرائي وڌيڪ نقصان کي بچائي گهاري کي بند ڪيو.

آبپاشي کاتي پاران ناراڪئنال جي سالن کان کاٽي ناهي ڪرائي ڪاغذن ۾ کاٽي ڪرائي  کاٽي ۽ بندن جي مرمت لاء آيل پئسان هڙپ ڪري ڇڏيا آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام