کپري  لڳ ڳڀرو نوجوان وحشياڻو تشدد ڪري قتل، اوطاق مان لٽڪيل لاش هٿ

کپري  لڳ ڳڀرو نوجوان وحشياڻو تشدد ڪري قتل، اوطاق مان لٽڪيل لاش هٿ

کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) کپري  لڳ ڳڀرو نوجوان جو اوطاق مان لٽڪيل لاش هٿ : وحشياڻي تشدد جي تصديق، ان ڏس ۾ کاهي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ بقا محمد هاليپوٽو ۾ 22 ورهين جي  محمد عرس ولد اڪبر هاليپوٽو جو تشدد ٿيل لاش اوطاق جي لاٽڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو، پاڙي وارن صبح جو لاش ڏسي  وارثن کي اطلاع ڪيو، پوليس  لاش  کپري اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن لاش جو معائنو ڪيو، ڊاڪٽر موجب نوجوان جي ڪنڌ، ڳلي، ويهڻ واري جاءِ، چيلهه بين هنڌن تي  تشدد جا نشان  نظر  آيا، پوسٽ مارٽم رپوٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر  پوندي، هوڏانهن  فوتي نوجوان جي والد اڪبر هاليپوٽو چيو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، گذريل رات  پٽ  فون اچڻ تي گهران نڪري ويو هو ، صبح جو پاڙي وارن  اوطاق  ۾ لاش ٽنگيل ڏسي اطلاع ڏنو، هن چيو ته پٽ جي جسم تي تشدد جا نشان  هئا، اسان پٽ جو موبائيل فون  پوليس حوالي ڪيو آهي،  جنهن ۾ آخري ڪال 2 وڳي  جي آيل آهي، هوڏانهن پوليس موجب واقعو قتل يا خود ڪشي آهي؟ پوسٽ مارٽم رپورٽ آڌار جاچ ڪبي.