کپري ۽ جهول لڳ باهه جا 2 واقعا: 12 گهر رک جي ڍيرن ۾ تبديل : لکن جو نقصان

کپري ۽ جهول لڳ باهه جا 2 واقعا: 12 گهر رک جي ڍيرن ۾ تبديل : لکن جو نقصان

  کپرو/جهول(نمائندن وٽان) کپري ۽ جهول لڳ باهه جا 2 واقعا: 12 گهر رک جي ڍير ۾ تبديل: لکن جو نقصان، ان ڏس ۾ کپري لڳ ميرپورخاص روڊ تي مجاهد واٽر وٽ ڳوٺ فيض محمد هنڱورجو ۾ رڌ پچاءُ دوران گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ڏسندي 10 گهرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، متاثرين ۾ اوڏ، ڀيل ۽ ماڇي  برادري جا رجب ماڇي، قاسم ماڇي، چتون ڀيل، ڪانجي ڀيل، ڀاڳو ڀيل، مير اوڏ، ساجن اوڏ، پريم اوڏ، راحب اوڏ، نرسنگهه ڀيل ۽ ٻيا شامل آهن، علائقي واسين پهچي وڌيڪ گهرن کي بچائي ورتو  آهي، متاثرين  بي يارو مدد  کليل  هيٺ ويٺل هئا، ٻئي طرف جھول ويجھو ڦٽل موري واري علائقي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ ساجن ڀيل ۽ ڪانجي ڀيل جا 2 گھر ساڙي ڇڏيا، باھه سبب روڪ رقم، سون ۽ چاندي جا زيور، 2 نياڻين جو ڏاج کٽون، بسترا، ڪپڙا ۽ 4 ٻڪريون سڙي ويون، ڳوٺاڻن پهچي باقي گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو رابطو ڪرڻ تي متاثر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سندن ورھين جي ڪمائي سڙي رک ٿي وئي آهي.