| کپري ۾ گيس سلينڊر ڦاٽي پيو، 6 ڄڻا زخمي |
کپرو (ن پ ا) کپري ۾ واهه موڙ تي ايل پي جي گيس جي دڪان تي گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب اچانڪ ڌماڪو ٿي پيو جنهن سبب باھ لڳڻ ڪري دڪان تي ويٺل ڇھ ڄڻا محمد جعفر، ڪويچند اوڏ، رامچند ڀيل،حامد علي، علي اڪبر راڄڙ، سوڊو چانھيون سڙي سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي طبي امداد لاءِ کپرو جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتان کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته باه سبب دڪان اڳيان بيٺل ڪوري ڪار به سڙي وئي، کپرو شھر جي ڳُتيل آبادي ۾ ايل پي جي گئس جا ڪيترائي غيرقانوني دڪان کليل آهن جتي ھر روز ڪيترن ئي گاڏين کي ايل پي جي گئس فراهم ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب وڏي نقصان جو انديشو آهي ڪجھ وقت اڳ انتظاميا پاران ڪارروائي به ڪئي وئي پر اُھي دڪان ٻيھر کُلي ويا آهن کپرو شھر جي ساڃاھ وند ماڻهن جو چوڻ آهي ته ايل پي جي جا دڪان شھر جي ڳتيل آبادي ۾ نه ھئڻ گھرجن جڏهن ته انتظاميا پاران غير قانوني دڪاندارن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي جنهن سبب اھڙا حادثا پيش اچن ٿا.