| کپري ۾ گھوٽ کي قتل ڪندڙجوابدار کي جنم ٽيپ |
کپرو (ن پ ا) کپري ۾ گھوٽ کي قتل ڪندڙجوابدار کي عدالت جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ايڊيشنل سيشن جج کپرو فائق علي پٺاڻ قتل ڪيس ۾ ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار فتو ڪولهي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدار فتوڪولهي 3 سال اڳ ڪنري کان شادي ڪري واپس ڳوٺ رتو ڪوٽ پهتل گهوٽ دولت ڪولهي ولد آتم ڪولهي کي مهمان طور گهمائڻ لا هلڻ جو چئي ڳوٺ کان پرتي ٻني ۾ ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪري لاش تورئي جي فصل ۾ لڪائي پاڻ فرار ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس مقتول جي والد آتم ڪولهي جي فرياد تي کاهي ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو عدالت قتل ڪيس ۾ جنم ٽيپ ۽ لاش لڪائڻ جي ست سال سزا ٻڌائي ڇڏي ڪيس جي پيروي سرڪاري وڪيل محمد خان پيرزادي ڪئي پئي.