| کڏڙو: موٽرسائيڪلن جي مستري جي نينگر سان بدفعلي |
کڏڙو (ن پ ا) کڏڙي ۾ موٽرسائيڪلن جي مستري جي نينگر سان بدفعلي، ان ڏس ۾ کڏڙي جي وارڊ نمبر 4 جي رھواسي موٽر سائيڪل ورڪشاپ تي ڪم ڪندڙ 12 سالن جي معصوم شاهنواز ٽالپر والد سان گڏ کڏڙو ٿاڻي تي دانھيندي چيو آهي ته مستري استاد حاڪم شر ساڻس بدفعلي ڪئي آهي، پوليس نينگر جي والد جي فرياد تي اين سي داخل ڪري نينگر جي طبي معائني لاءِ تعلقي اسپتال جو ليٽر ڏئي ڇڏيو ، رات دير تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي،