کھڙا ۾ انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا تقريب، فنڪارن جي سر ورکا

ڊسمبر 1, 2024

کھڙا (ن پ ا) کھڙا ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سرواڻ جي سڏ تي انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان پريس ڪلب کھڙا ۾ سگهڙ ڪچهري ۽ محفل موسيقي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سجاد شاهه، شفقت مهيسر، فياض شاهه، عبداللطيف ناريجو، شاهه شيخ، نظير سروهي، حليم سومرو، اصغر لاشاري، اقبال اڄڻ، يعقوب شاهه، مرتضيٰ شاهه، لا لا محب پٺاڻ ، حفيظ منگي، آصف منگي دائم سھتو، قربان گلال، غلام علي ميمڻ، ڊاڪٽر انور سهتو، عبدالستار شيخ، عبدالرزاق اڄڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هنن خطاب ڪندي چيو ته ايڪتا ڏهاڙي جو سرواڻ علي قاضي آهي، جنهن سنڌي قوم کي هڪ لڙهي ۾ پوئي ڇڏيو، هنن چيو ته دنيا جي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي آگاهي ملي آهي ته سنڌي قوم به سنڌ ۾ آباد آهي، هنن چيو ته ايڪتا ڏهاڙو سنڌي ماڻهو عيد جيان ملهائين ٿا، تقريب ۾ فنڪارن شبانا ڪنول ۽ حنا ناز ثقافتي ۽ صوفي ڪلام ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته تقريب ۾ سگهڙ محرم علي اڄڻ ۽ ٻين ثقافتي ۽ ڏور بيت ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو،

Leave A Comment