ڪئنالن خلاف احتجاج ۾ شدت، مک شاهراهن تي ڌرڻا، پنجاب جا دڳ بند: چڪريون، پوليس جو وري تشدد
مارچ 24, 2025
ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪئنال رٿا خلاف سنڌ اُٿلي پئي، شهر شهر واهڻ وستي ريليون، مظاهرا، مک شاهراهن تي ڌرڻا، پنجاب جا رستا بند، چڪريون، مختلف شهرن ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار به درياهه جي بقاءَ خاطر روڊن تي نڪري آيا، رپورٽس موجب شهدادڪوٽ ۾ رت جا ڏيئا ٻاري سنڌوءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ لوئر سنڌ رائس ملرز ايسوسيئيشن پاران ڪئنالن خلاف ايس ايس پي چوڪ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٻي طرف سنڌ جا ناليواري راڳين ۽ فنڪارن اولڊ ڪيمپس کان سرمد اياز،برڪت گوپانگ،دانش منظور،ذوالفقار منگي،فداحسين منگي،ماسٽر غلام حسين،لڪي رياض عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ،ٽنڊوالهيار ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان لال جروار عبدالرحمان سمون ، حنيف سارنگ سورٺ مڱڻھار ، ايڊووڪيٽ نياز ، بھراڻي ، عبدالرحمان ، محمد بچل سميجو ، شمائله سميجو ، سائين بخش جروار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،دادو ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي پاران اعجاز ملڪاڻي،حميد ميمڻ، منصور پنهور، احمد ملاح جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪميونسٽ پارٽي طرفان مجيد پنهور ، شاهنواز مگسي ، عبد،الحفيظ سٺيو ، دوست علي لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو،سکر ۾ اسٽوڊنٽس الائنس طرفان علي مرتضيٰ شر، مشاهد حسين، شهمير انصاري، ايڊووڪيٽ آغا صورت، ياور عباس، اسامه ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪنڊيارو ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي قومي شاهراهه تي هزارين ماڻھن حمزهه علي چانڊيو، شڪيل گهانگهرو، حبدار ميربحر، امداد ڪليري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري پنجاب توڙي ڪراچي ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گمبٽ ۾ جسقم سميت سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن اعجاز ڦلپوٽو، ساجد مڱريو، هالار رتڙ، ذاڪر عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون پڻ ٿيون، بدين ۾عورتن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ سورمي سٿ ۽ ايڪٽو فائونڊيشن جي عورت اڳواڻن سورمي عابده سمون، ميڊم نازش فاطمه، پارس شاھ، خالده خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ شھيد شاھنواز چوڪ بدين کان وڏي تعداد ۾ عورتن جي آحتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف روڊن کان ٿيندي ايوان صحافت بدين پھتي جتي ڪئنال منصوبو رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،ٺٽو ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي طرفان رات دير سان موٽر سائيڪلن جي ريلي پريس ڪلب ٺٽي تائين پي ٽي آءِ اڳواڻن سيد امجد حسين شاھ ، ظھير شاھ ، مراد ساٽي ، عرفان ماڻڪاڻي ۽ شبير جاکرو جي اڳواڻي ۾ڪڍي وئي، بدين ۾ ڳوٺ الھڏنو سومرو جي ڳوٺاڻن غلام محي الدين سومرو محمد سومرو پوڙهو سومرو عمر سنڌي سجاد سومرو مبين سومرو ۽ ٻين طرفان 6 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪرڻ بعد ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،قمبر ۾پ پ شهيد ڀٽو طرفان شوڪت چانڊيو، عرفان گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ٻي طرف قمبر جي ڳوٺ ميڻا جي رهواسي سياسي سماجي اڳواڻن اشرف ڪلهوڙو، مهدي شاهه، ضمير سومرو، گهرام چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري قمبر_ ميروخان روڊ تي ميڻا پل تي ڌرڻو هنيو.ٻي طرف جيئي سنڌ محاذ طرفان به نور سولنگي، صالح لاشاري،اڪرم سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو ڄام ۾ ڪئنال ڪڍڻ خلاف پيسٽيسائيڊ ڪمپني جي تنظيم پاران گاڏين جي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نيو سعيد آباد ۾ تڪراري ڪينالن خلاف مختلف جماعتن پاران ٽي الگ الگ احتجاجي ريليون اڀ ڏاريندڙ نعرا عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ امين لاکوکان احتجاجي ريلي نڪتي.نيوسعيدآباد ويجھو بکر جمالي ۾ ذولفقار جمالي، اشفاق جمالي، علي دوست خاصخيلي، رفيق جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ٽئين ريلي پي ٽي آءِ پاران گلزار خاصخيلي سبحان جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتي جيڪا پريس ڪلب اڳيان پھتي ،ڦلجي اسٽيشن لڳ تڪراري ڪينال ڪڍڻ خلاف تنوير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو خيرپورناٿن شاھ ۾ اسد چانڊيو ،ڪامريڊ حسين آزاد لغاري, علي سيٺي , سومر چانڊيو , وڪيل مير کوسو، سڪندر ، حافظ انور کونھارو، عبدالغفار چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ڪئنال خلاف احتجاج ڪيو ويو ،ميھڙ ۾ صحافين ۽ سول سوسائيٽي پاران سعيد پنھور ، عبدالحميد کوسو ، برڪت کوسو ، عبدالحق کوکر ، مير شڪيل عطار ، محمد علي شيخ ، مظھر ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، ميھڙ ۾ ڳوٺ يار محمد ڀرڳڙي واسين 9 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري اي جي ڀرڳڙي ايڊووڪيٽ جبار سيال، دريا خان ڀرڳڙي سجاد ڀرڳڙي يونس ڀرڳڙي صداقت ڀرڳڙي شفيق احمد ڀرڳڙي وڪيل عابد ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ، مٽياري ۾ جسقم پاران مرڪزي اڳواڻ نورمحمد ڀينڊو، سجيل سالاريو، ذوالفقار ڏيٿو، اقبال ڏيٿو، جساف اڳواڻ گلفام ڏيٿو ۽ عباس ملاح جي اڳواڻي ۾ درگاھ سخي ھاشم شاھ کان مٽياري پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سنجرچانگ لڳ جمعيت علماء اسلام ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪامريڊ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ڪامريڊ شگن ڪولهي، ڪامريڊ سوڀو نوحاڻي، حسين بخش نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ٿرڙي محبت ۾ شھيد ڀٽو طرفان ذوالفقار کوکر ۽ ايس يو پي اڳواڻ خليل سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شيخ ڀرڪيو ۾ جي يو آءِ ايس ٽي پي ۽ آبادگارن مل موڙ کان ٽن ڪلو ميٽرن تائين پيادل مارچ ڪري ايڊووڪيٽ غلام مرتضي لغاري منور مغل بابو اورنگزيب شيخ محمد علي شيخ امام علي ٿهيم حاجي الله بخش پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪوٽڏيجي ۾ جسقم ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڇوڏاھو کان ڪامريڊ تصوير گوپانگ، زاھد شنباڻي، قيصر گوپانگ، مرتضيٰ خاصخيلي، محمد علي سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،سانگهڙ ۾ معصوم ٻارڙن شهيد پيرو وزير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،ٽنڊوآدم ۾ شاهنواز جوڻيجو هارس ڪلب پاران شاهجهان جوڻيجو، عقيل احمد ماڪوڙاڻي، محمد خان ٻجورو، اعجاز ميتلو، عبدالغفور ڪيريو، لال محمد بلوچ، زبير ماڪوڙاڻي، يوسف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوڙن جي منفرد ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ گهوڙي سوارن، آبادگارن، هارين، ساڃاھ وندن سميت ڌرتي ڌڻين وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو،نوشهروفيروز ۾ سگا پاران اعظم عالماڻي، زاھد راڄپر، مرتضيٰ تڳر، ماھنور شيخ، مظھر خاصخيلي، لطيف ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن عامر بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، قاضي احمد ڀرسان نواب ولي محمد ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ايس يو پي، جسقم، پي ٽي آءِ جي سڏ تي هارين، مزدورن، عورتن ٻارڙن، فنڪارن رمضان ٻرڙو، آڪاش لاکو، خميسو ڀنڊ، گلزار عالماڻي، علي گوهر ٻگھيو، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،، هوڏانهن قاضي احمد ۾ شاگردن پاران سجاد انڙ، ڄام ڪاشف انڙ، صوفي امين اوٺو جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳڙا ۾ ڳوٺ مينھون خان ڄامڙو واسي ٻارڙن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڳوٺ کان درگاھ پير آري بھڻ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، پڊعيدن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، تحريڪ انصاف ۽ سول سوسائٽي پاران ڳوٺ ميرانپور کان راجا قريشي، غلام مرتضيٰ پلھه، امتياز راڄپر، وھاب پلھه، لال بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، کپرو ۾ سروري اسٽوڊنٽس فيڊريشن، قوم پرست پارٽين جي ڪارڪنن جي ايم ھنڱورجو، فقير امر عباس ڀنڀرو، حاجي يوسف ھنڱورجو، قاسم سروري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پنوعاقل ۾ ويلفيئر اتحاد جي سڏ تي مجيد جسڪاڻي، جمال ناصر بلو، وحيد چاچڙ، فدا بلو، ميان خيرالدين انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪنري ۾ آبادگارن، ھارين، جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف قومپرست تنظيمون، سماجي ماڻھو روڊن تي نڪري آيا، اڳواڻن محمد رمضان خاصخيلي، فقير گل حسن، انور نوحاڻي، محمد علي جوڻيجو، رزاق نوحاڻي، احمد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گوهر پمپ کان پيادل مارچ ڪڍيو ويو جيڪو شھر جو گشت ڪرڻ بعد مک آمريڪن چوڪ پھتو جتي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن پاران تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سخت نعره هنيا، سنڌڙي ۾ ڪاٺڙي اسٽاپ کان سنڌڙي پريس ڪلب تائين 15 ڪلوميٽر تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ منصور جروار، قادر جروار، ارسلان جروار، عاجز جروار، ڪامريڊ عمر جروار، حسيب ڪانھيون، مسرت جروار، حسيب ڪانھيون، يوسي چيئرمين فقير محمد بخش مهر، جيرام داس اٻوجهه، شير محمد درس سنڌي ادبي سنگت جي اڪبر ايس منڱريو، سانگي شبير ڪنڀار ريلي ڪندي پريس ڪلب پھتا، جتي احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ميرواھ گورچاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران لالا اظھر پٺاڻ، سمير لغاري، اعجاز ڀرڳڙي، صدام لغاري، حسين خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ميرواھ گورچاڻي پريس ڪلب آڏو ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اسلام ڪوٽ ۾ ميگھواڙ پنچائت ٿرپارڪر طرفان ميگھوار پنچائت جي ضلعي صدر ڊاڪٽر ھرچند راء سکاڻي جي اڳواڻي ۾ جيون ڪالوني کان پريس ڪلب اسلام ڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ميرپور ساڪرو ۾ عوامي تحريڪ ميرپور ساڪرو پاران رزاق چانڊيو، ٺارو خان شيخ، دريا خان زئور، بلاول لاشاري، مظھر لاشاري، ادريس پليجو، رياض عباسي، ايوب انڙ، مجاھد بلوچ، عبدالله چانڊيو، فاضل بلاول لاشاري، اسلم سمون، الله بخش بلوچ، لال چند مائسري، اقبال لاشاري، جبار لاشاري، نياز لاشاري،مظهر لاشاري نياز خشڪ، نويد لاشاري، رزاق ڪلمتي، ڪي بي لاشار، عبدالغني عباسي، ڌڻي بخش لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ساڪرو شهر ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، ساڪري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جهمپير ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران حميد خشڪ، مالڪ چانڊيو، شاهد چانگ، عبيدالله پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهمپير شھر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيوويو ٽالهي ۾ قومي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ پي ٽي آئي جي اڳواڻن پاران نصرت خاصخيلي، ڪامريڊ ڪرڙ راٻاري، زينت سمون، لالجي پرمار، حيدر ڀٽي، ڀارمل ڪولهي، ڏنو ٽنگڙي ۽ غريب نواز ٽنگڙي جي اڳواڻي ۾ يوسي آفيس کان پريس ڪلب تائين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجن ريلي ڪڍي وئي قومپرست اڳواڻن عورتن سياسي سماجي اڳواڻن شهرين ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،نصيرآباد ۾ ڳوٺ جاڙا واھوچا جي واھوچا برادري طرفان ڳوٺ جاڙا واھوچا کان نصيرآباد تائين 7 ڪلوميٽر شارٽ پيادل لانگ مارچ ڪري آرٿر واهه وٽ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي ذوالفقار علي واھوچو، وسيم احمد واھوچو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، ڪامريڊ سينگار نوناري، عاشق علي واهوچو ، محمد حسن واھوچو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ميروخان ۾ پي ٽي آءِ جي ميزباني هيٺ ضلعي صدر سردار محمد علي ھڪڙو، احمد خان کوسو، نياز ڏيپر،آبادگار اڳواڻ محسن قاضي، سوشل ورڪر علي محمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽو پئٽرول پمپ کان شهر جي مک عرضي ڀٽو چوڪ تائين اڌ ڪلوميٽر پيادل ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ نوجوان درياهه جي لاءِ رت جا ڏيئا ٻاري سخت احتجاج ڪيو، شهر جي ڪو ٽو موٽو چوڪ الست سنگت پاران سنڌو درياهه تي ڪنئال نامنظور احتجاج ڪندي رت سان ڏيئا ٻاري درياهه سان زبردست محبت جو اظهار ڪيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪئنال منصوبو ٺاهي سنڌ کي مڪمل برباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي، جنھن جي منظوري صدر آصف زرداري ڏني آھي، جيڪڏھن زرداري کي سنڌ جو درد آھي ته حڪومت کي ڇڏي ڪئنال ٺھڻ کي بند ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ۾ اسان جو ساٿ ڏئي، ھن چيو ته اھا ساڳي اپيل آئون بلاول ڀٽو ۽ وزير اعليٰ سنڌ کي به ڪندس، ھن چيو ته سنڌ جا ماڻھو جاڳ چڪا آھن، ڪنھن به صورت ۾ تڪرار ڪئنال ٺهڻ نه ڏنا ويندا.