ڪئنالن خلاف روڊن کان ايوانن تائين احتجاج: رٿا ملڪ لاءِ نقصانڪار قرار: وزيراعظم پاران ڪاميٽي قائم

اپريل 9, 2025

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان ) شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ريلي ڪڍي نعري بازي ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، سکر ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڌار ڌار ريليون نڪتيون پنگريو ۾سنڌو دريا تي ڌاڙي خلاف  پنگريو جي صحافين سول سوسائيٽي ۽ قوم پرستن جي سڏ تي پنگريو شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي جنھن ۾ واپارين مڪمل ڪاروبار بند رکيو، سمن سرڪار باءِ پاس روڊ کان شادي سمال واه جي موري تائين سوين ڌرتي ڌڻين  2ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ڪيٽي بندر ۾ ڳوٺ سيد اعتبار شاهه ۾ ڳوٺاڻن نظير شاهه،سيد پپا شاهه ،سيد لطيف شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئيٽنڊي غلام حيدر  ۾   مختلف  سياسي  تنظيمن پاران  شهزاد  گاڏاهي. امام بخش  جوڻيجو.  منظور  چانڊيو عرس لغاري  الطاف  ملاح  .حيات نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مال پڙي  کان ريلي ڪڍي  بس اسٽاپ  ڍوڪياھ  تي احتجاجي مظاهرو ڪيو  ميھڙ ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ڳوٺ ٻانهون سوڍر پاران عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر وڪيل نجيب مھيسر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري منظور سوڍر، وڪيل ذوالفقار چانڊيو، وڪيل داد محمد مگسي، منير احمد مهيسر، وڪيل علي رضا، حافظ رستم سوڍر، صحافي مختيار سنڌي، رستم علي سرگاڻي، هاري اڳواڻ غلام حسين سوڍر، لونگ خان سوڍر، طالب سوڍر، منصور مهيسر، گلزار سوڍر ۽ ٻين شاگردن ھارين، ٻارڙن ميھڙ فريدآباد روڊ تي قائم بچل شاھ جي موري تائين 4 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري سخت نعريبازي ڪئي  راڻيپور ۾ تحريڪ نفاذ فقيه جعفريا، مختيار فورس ۽ ابراھيم اسڪائوٽس پاران مصطفيٰ رضوي، علامه شاھد عباس ملاح، ايڊوڪيٽ  امداد خميساڻي، نجم باقر، شاھنواز سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کير بازار کان ريلي ڪڍي وئي،قاضي احمد ۾ ايس يو پي پاران پوليس ٿاڻي سامھون مين روڊ تي دستخطي مھم جي سلسلي ۾ ڪئمپ قائم ڪئي وئي ۽ سڪرنڊ ۾ صحافي  چوڪ تي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، قاضي احمد ۾ ڳوٺ مٺا خان جوکيو کان نواب ولي محمد تائين درياءَ بچايو تحريڪ پاران عابد راهو، يعقوب جوکيو، حافظ اويس جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،شاھپورجھانيان ۾ سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي ڌرين احتجاجي ريلي ڪڍي، جتي زين شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي،سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ شاهپور جهانيان ۾ ايس يو پي صدر سيد زين شاهه ڳالھائيندي چيو ته ملڪ جي سول بيوروڪريسي ۽ ڪرپٽ سياستدانن گڏجي اھو منصوبو جوڙيو ته نيون زمينون کڻي انھن جون آباديون ڪيون وينديون، جنهن لاءِ سنڌ جي زمينن سنڌو جي پاڻي جو سودو ڪيو ويو، ھتي سنڌ جي جياپي جو سوال آهي، ھتي ھزارين سال وھندڙ سنڌوندي جو سوال آهي، ماڻھن جي پيئڻ جي پاڻي، جيوت سميت زراعت جو سوال آهي، ان لاءِ سنڌ دشمن منصوبا ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھن، هن چيو ته صدر زرداري جيئن 8 جولاءِ تي ڪئنالن جي منظوري تي صحيح ڪري آيو آھي، ائين اڄ 8 اپريل تي ڪئنالن کي رد ڪرڻ جي صحيح ڪري، نه ته سنڌ جو عوام کيس ڪڏھن به معاف نه ڪندو، زين شاهه چيو ته دستخطي مھم ذريعي لکين ڪروڙين ماڻھن جو احتجاج دنيا کي ٻڌائينداسين.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سنڌوءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف پ پ ميمبرن مخالف ڪندي حڪومت کان ڪئنالن وارو منصوبو فوري واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پ پ ميمبرن چيو ته حڪومت ان منصوبي بابت واضح اعلان ڪري ٻي صورت ۾ اسان لاءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ سوڌو رستا کليل آھن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ميمبر راجا پرويز اشرف چيو ته مان ڀٽو شهيد جي ورسي تي سنڌ ويس. مون سنڌ ۾ ماڻهن کي سنڌو مان ڪئنالز ڪڍڻ خلاف جذباتي ڏٺو، مون کي سنڌ ۾ ٻڌايو ويو ته ارسا جي 1991 اڪارڊ جي معاهدي تي عمل نه ٿي رهيو آهي. صوبن کي پهريان ئي پاڻي جي کوٽ آهي ته وفاق ڪيئن ڪئنالز ڪڍڻ جو منصوبو ٺاهيو. هڪ وقت هيو ڪالا باغ ڊيم تي جهڙو هلي رهيو هيو. ڪنهن به منصوبي تي اعتراض آهي ته ويهي ڳالهايو وڃي. پ پ ميمبر شبير بجاراڻي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي پهريان ئي گهٽ آهي. هاڻي سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. وزير اعظم هن ايوان ۾ پاليسي بيان ڏئي نوان ڪئنال نه ڪڍڻ جو اعلان ڪري. ڪالا باغ ڊيم وانگر هي ڪئنال به نه ٺهڻ ڏينداسين. عامر مگسي چيو ته ڇھه ڪئنال پنجاب لاءِ ٺهن ٿا، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي بلوچستان ۾ باھ لڳل آھي وفاق ڪمزور ٿي رهيو آھي، ڪو ڌيان نه ڏئي رهيو آھي جن کي ڪجھه معلوم نه هيو اهي پيپزپارٽي خلاف بيهي ويا آھن ماڻهو روڊ رستا بند ڪري رهيا آھن اچڻ لاءِ رستا نٿا ملن. پيپلزپارٽي جي حڪيم بلوچ چيو ته افسوس ته ڊار سياسي بيان ڏنو پاڻي جو هڪ ئي وسيلو آھي اوهان ڪٿان پاڻي آڻي چولستان آباد ڪندا؟ سنڌ جا ماڻهو پرسڪون هئا اوهان سنڌ جي ماڻهن عورتن کي روڊن تي آڻي ڇڏيو آھي، ايم ڪيو ايم جي سيد حفيظ الدين چيو ته ڪئنالن جي مسئلي تي اسان سنڌ سان گڏ آھيون، ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا مسئلو ٿي وئي آھي سنڌ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪري ڪراچي جو به پاڻي مسئلو حل ڪيو. اسد عالم نيازي چيو ته غلط معلومات ڦهلائي پئي وڃي صدر ڪا به منظوري نه ڏني آھي ڪئنالن ۾ پاڻي نه رت وهندو، حڪومت سان ملڪ خاطر ويٺا آھيون اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، شازيه مري چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ آھي ڪئنال ڪنهن جو پاڻي کڻي ٺاهيا ويندا ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏنو نه ٺهڻ ڏيندا سين،  پاڪستان ۾ باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي لڳي ٿو ڀائچاري جي فضا کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا سنڌو تي ڪئنال منظور ناهن، ڪئنالن جي منصوبي جي منظوري صدر ڏني واريون ڳالهيون ڪري ٽرڪ جي بتي پويان لڳايو پيو وڃي. اعجاز جکراڻي چيو ته سنڌ جا ماڻهو نه عطا تارڙ جي جواب مان مطمئن ٿيندا نه ئي اسحاق ڊار جي جواب مان مطمئن ٿيندا، سحرڪامران چيو ته ٻڌايو سي سي آءِ جو اجلاس ڪڏهن ٿيندو؟ صادق ميمڻ چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم چولستان جو ڏيک ڏئي رهي آھي ڪئنالن لاءِ اضافي پاڻي ڪٿان ايندو سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻي لاءِ روڊن تي آھي، شهريار مهر چيو ته سنڌ ۾ چند ماڻهو نه پر سڄي سنڌ احتجاج  ۾ آھي، حڪومت واضح اعلان ڪري جنهن سان عوام مطمئن ٿي سگهي، مير غلام علي ٽالپر چيو ته سلامتي جو دارو مدار وفاق جي صوبن تي آهي ڪئنال منصوبي کي ڪجهه عرصي لاءِ مهمل ڪيو وڃي، رسول بخش چانڊيو چيو ته بدين ۾ هن وقت به پاڻي نه آھي مال اڃ ۾ مري رهيو آھي، لاشن کي غسل لاءِ پاڻي نه آھي، صلاح الدين جوڻيجو چيو ته سنڌ ڪئنالن جي رٿا کي رد ڪري چڪي آھي، مهيش ملاڻي چيو ته سنڌ سراپا احتجاج آھي، حڪومت واضح اعلان ڪري، نذير ٻگهيو چيو ته بلاول ڀٽو چئي ڇڏيو آھي ته اسان عوام کي ترجيح ڏيندا سين حڪومت کي ترجيح نه ڏيندا سين، رفيق جمالي چيو ته هن وقت ئي پاڻي ناهي ڪئنال ٺهيا ته پاڻي ڪيئن ايندو، ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪيو وڃي ڪئنالن جو منصوبو ملڪ ۽ سنڌ لاءِ نقصان ڪار آھي،  نائب وزيراعظم اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ تڪراري ڪئنال رٿا جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سان گذريل ڏينهن ملاقات ۾ خاطري ڪرائي ته ڪئنال رٿا جي فني معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون، اُن کانپوءِ ڏسنداسين ته هِن اشو کي سياسي بڻائيندڙن کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي، اسحاق ڊار چيو آهي ته سنڌ جي اعتراض وارڻ بعد هيل تائين ايڪنڪ جي ڪنهن به اجلاس ۾ ڪئنال رٿا کي نه آندو آهي، پ پ ۽ نواز ليگ ۾ لفظي گوليباري جو فائدو سنڌ ۾ اُهي ڌُريون وٺي رهيون آهن، جِن جي ايجنڊا ڪا ٻي آهي، اُهي ڌُريون ختم ٿي ويون هيون، پر ڪئنال اشو جي ڪري ٻيهر نڪري آيون آهن، اسحاق ڊار چيو ته سنڌ مان نياپو آيو ته وڌيڪ ٻن جاين تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳايو وڃي، جيڪي ڪئنال کي گرين پاڪستان تحت ٺاهڻ گهرن ٿا، اُنهن کان اهي ٻئي جايون شامل ڪرايون، هن چيو ته اسان ڪو دٻاءُ نه کنيو آهي ته ڪئنال رٿا جلدي ۽ ضرور ٺاهيون، اسان سمجهون ٿا ته هن اشو کي ڏاهپ سان حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم ڪئنال مسئلي تي ڪاميٽي جوڙي آهي، حڪومت اتحادين جا خدشا ختم ڪندي، مشاورت جاري آهي، ملڪي مفاد کي ترجيح ڏني ويندي، سنڌ لاءِ ترقياتي منصوبن جي منظوري به ڏني پئي وڃي. پيپلزپارٽي جي نعمان شيخ چيو ته اسحاق ڊار ۽ وزير اطلاعات ڪئنالن بابت ڳالهايو، هي لالي پاپ ڏين ٿا، سي سي آءِ جو اجلاس ڇو نه گهرائي رهيا آھيو، پاڻي تي جنگيون ٿي رهيون آھن، اسان چئي چئي ٿڪجي پيا آھيون ائين نه ٿي ته اوهان جي حڪومت تاريخ جي مختصر ترين حڪومت هجي. پاڻي مامرن جي وزير معين وٽو چيو ته ڊپٽي وزير اعظم جي بيان بعد وڌيڪ چوڻ جي ضرورت نه آھي ارسا اهو اصول طئه ڪري ڇڏيو آھي ته ڪو به صوبو ڪنهن صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي پاڻي کوٽ سڄي ملڪ جو مسئلو آھي پاڻي گڏ ڪرڻ جا منصوبا زير غور آھن ڪي فور جو جائزو وٺندا سين.

 

Leave A Comment