ڪئنالن خلاف ننڍن وڏن شهرن ۾ مارچ، مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا، ڪڍڻ ۾ هڙتال، صوفي ڪلامن سان سنڌوءَ کي ڀيٽا
اپريل 14, 2025
ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي ڪئنال رٿا خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج جاري، ننڍن وڏن شهرن ۾ پيادل مارچ، ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا، ڪڍڻ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف شٽربند هڙتال، خبر موجب سنڌو درياءَ تي ڪئنال رٿا خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج جاري آهي، ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ ساگر پارٽي پاران منصور جکڙ، اڪبر بڙدي، سارنگ مهر، عبدالجبار مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ٻئي پاسي پ پ شھيد ڀٽو ليڊيز ونگ پاران حاجو سوهو، نجمه سوهو، رشيدا ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت پاران نور چاڪراڻي، تاج جويو، احمد سولنگي، ديدار شام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، سکر ۾ جسقم ڪارڪنن طارق گهمرو، نور احمد مهر، فيض محمد مهر، علي اڪبر بلو، مبين سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻي ۾ آل پاڪستان ڪورائي اتحاد طرفان اياز ڪورائي، جاويد ڪورائي، محمد اسحاق ڪورائي، علي گل ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ٻئي طرف پاڪستان ڪسان رابطه ڪاميٽي طرفان مجيب پيرزادو، سائٿ سومرو، غلام علي سولنگي، بابو شاهد ۽ ٻين احتجاج ڪيو، سماجي اتحاد به حافظ بشير احمد شيخ، ارسلان ٻرڙو، غلام رسول عمراڻي، لياقت علي عمراڻي، ديدار شيخ، احسان بليدي ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ميرپورخاص ۾عوامي ورڪرز پارٽي پاران جنيد لغاري، مشتاق لغاري، علي حسن لغاري ۽ خير محمد شر جي اڳواڻي ۾ ٽول پلازا کان جمڙائو تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، گھوٽڪي ۾ سنڌ عوامي سٿ طرفان مھر ڊٻائي، ممتاز عارباڻي، رئوف پارس دايو، انجنيئر شعبان اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، نوشھرو فيروز ۾ جسقم جي سڏ تي ڪارڪنن اياز راڄپر، احسان سيال، اسد عمراڻي، رحمان تڳر، عزيز ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوالھيار ۾ ڪيلي جي واپارين ارشاد جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ٽنڊو محمد خان ۾ مزاحمتي شاعر قاضي احمد ٻانڀڻ يادگار ڪاميٽي، سول سوسائٽي پاران عرفان ٻگهيو، قاضي شمس ٻانڀڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جسقم جي سڏ تي الفتاح چوڪ کان جاويد هاليپوٽو ، صوفي حامد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته سقم پاران هٿن ۾ پادر کڻي انوکو احتجاج ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ ايس يو پي ۽ ڪوهستان عوامي اتحاد جي سڏ تي سوين رهواسين ڪراچي حيدرآباد موٽروي تائين ريلي ڪڍي، شهدادڪوٽ ۾ جسقم طرفان الطاف حسين سومرو، معتبر خان چانڊيو، آغا ڪالاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، گهارو ۾ايس ٽي پي پاران ٺٽو ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏي، حاڪم زادي ٿيٻو، خير محمد مگسي ء۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 7 ڪلاڪ ڌرڻ هنيو ويو، نوري آباد ۾ جسقم پاران شڪيل پالاري، زوھيب راڄپر، ڪاشف پالاري، مھتاب علي، آسام پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ناٿن شاهه ۾ واپاري اتحاد جي سڏ تي شھري ايڪشن ڪاميٽي، جي يو آءِ، شھرين اعجاز سومرو، حافظ حاجن لغاري، قاري اسد لغاري، حميد گوزائي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ميھڙ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران ذلفي کوکر، جاني ڀنڊ، جاويد چنجڻي، شهبان لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿرڙي محبت تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، ھالا ۾ جي يو آءِ پاران حاجي صاحب ڏنو ورياھ، الھڏنو سومرو، عبدالوارث لاکو، غلام رضا بابو ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ جسقم پاران حبدار ميربحر، ذوالفقار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻُ هنيو ويو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، درازا شريف ۾ سرمست جماعت ۽ شهرين پاران گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي جي اڳواڻي ۾ راڻيپور پريس ڪلب تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، اڳڙا ۾ شهرين درگاهه سيد عبدالله شاهه فتاحي کان عبدالفتاح شاھ، امجد علي، نظر حسين مرکنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دچ سرمست درگاهه تائين ريلي ڪڍي وئي، پيرونمل ۾ جي ڊي اي پاران شاهجهان جوڻيجو، جبار جوڻيجو، سليم رضا ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو، سڪرنڊ ۾ بنانا ايسوسيئيشن جي سڏ تي رضا محمد ڪيريو، محمد الدين رند، طارق مري، خورشيد ملڪ، ڪاشف راجپوت، رنگيلو شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪلوميٽر مارچ ڪيو ويو، نوان جتوئي ۾ جسقم ڪارڪنن امتياز آزاد کوسو، خادم حسين چانڊيو، حبيب الله خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گمبٽ ۾ جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، احمدپور ۾ شهرين مختلف ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌرين زبير لاڙڪ، مير محمد کوسو، وندر چانڊيو، بلاول کنڀڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ٽنڊو آدم ۾ آل پاڪستان گُڊز ٽرانسپورٽ پاران شڪيل بلوچ، شهمير ڇٽو، ملڪ غلام مصطفيٰ ۽ آفتاب جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سوڀوديرو ۾ جسقم پاران سفير سامٽيو، حاڪم منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شهدادپور ۾ پ پ شھيد پٽو پاران محسن عمراڻي، عزيز باگراڻي، طالب عمراڻي، علي احمد رند، مصطفيٰ جکرو، عارف ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، محرابپور ۾ جسقم ڪارڪنن شهاب ميمڻ، الطاف شاھ، معشوق راڄپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪنب ۾ جسقم پاران ڪرم سامٽيو، ڪامريڊ زاھد شنباڻي، راجا ڀٽي، محب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مورو ۾ سگا پاران پروفيسر بخش علي چانڊيو، ڊاڪٽر محمد علي راهپوٽو، رفيق سرهيو، حاڪم اوٺو، اعظم ميمڻ، انور سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نئون آباد ۾ جسقم ڪارڪنن محمد علي کوسو، اڪبر مري، ممتاز مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، شاهپورچاڪر ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن علي ڏنو خاصخيلي، الهه جڙيو مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سجاول ۾جسقم بشيرخان قريشي سجاول جي اڳواڻن محمد خان پٺاڻ، منظور ميمڻ، ممتاز ساند، ايوب کوسو ۽ نظير لغاري سميت ناليواري شاعر اياز امر شيخ وڪيلن سلطان کوسو، عاشق حسين کوسو، لالا ياسر ڀان، زاهد کوسو، خالد سمون، ھندو پنچائت صدر ڊاڪٽر هوت چند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهر ڪري ڌرڻو هنيو ويو، دوڙ ۾ جسقم ڪارڪنن سرفراز ميمڻ، ناصر شاهه، راشد بروهي، بادل بروھي، منتظر وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علمدار چوڪ کان ريلي ڪڍي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ڪڙيوگهنور ۾ ڪارا جهنڊا کڻي شهر جي ٽيڪسي ڊرائيورن ساجد ڪنڀار، شريف شيخ، اسماعيل لغاري، گيانچند مهشوري ين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڪڍڻ ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري شھري اتحاد ۽ ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن جي سڏ تي اسحاق بجير، حبيب الله خاصخيلي، برڪت الله ميمڻ، اظھر عباس ڪنڀار، حاجي جمن واھرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ريلي ڪڍي وئي، گلاب لغاري ۾ صوفي عيسيٰ فقير سنگ ۽ پاڪستان ڪولهي اتحاد پاران عبدالرشيد لغاري، هيرا لعل مڪواڻا، آچر ڪمار، علي نواز نانگو، گل حسن لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اجرڪ جا جھنڊا کڻي صوفياڻو راڳ ڳائي ريلي ڪڍي وئي، ميرپور بٺورو ۾ نوجوان اتحاد ۽ طبقاتي جدوجھد پاران ڳوٺ عبدالله زئور کان جبار زئور، عثمان زئور، رشيد آزاد سومرو، سڪندر زئور، امداد زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ تائين 12 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، مدئجي ۾ ھاري جدوجھد ڪاميٽي طرفان علي کوسو ، غمٺار دل ، منظور کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، باھوکوسو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ناصر ڪنڊراڻي، شڪيل بلوچ، نظر بگٽي، منٺار گھنڃو، فريد جعفري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، رتيديري ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سول سوسائٽي پاران ايڊووڪيٽ غلام شبير جتوئي، سڪندر لاشاري، ايڊووڪيٽ جميل ميمڻ، طارق عزيز گهانگهرو، محمد مٺل شيخ، اڪبر جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وڳڻ ۾ عوامي تحريڪ پاران وڪيل ساجد حسين مھيسر، ڪامريڊ سرتاج احمد چانڊيو، اياز علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار تي سرتاج چانڊيو، ساجد مھيسر، عرفان منان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نصيرآباد ۾ سول سوسائيٽي طرفان ڪامريڊ رياض ڦلپوٽو، صوفي غفار،جي ايم لاشاري، آفاق سمو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ڪئمپ تي ٻارن به شرڪت ڪئي، ڏوڪري ۾ نوجوان سماجي اتحاد طرفان ارشاد ٻگهيو، شيراز کوکر، امداد جويو، رُڪُ سنڌي، جونيئر ملوڪ عباسي، امتياز ڪولاچي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گڊو ۾ جسقم پاران محتاب مزاري،سراج مزاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو آهي ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي عوام ڪئنال رٿا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌو دشمن رٿا فوري طور ختم ڪئي وڃي.