ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ ايم آر ڊي جا رڪارڊ ٽوڙيندي،اُوچا ڳاٽ نه جهڪندا: اياز لطيف

مارچ 29, 2025

ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ ايم آر ڊي جا رڪارڊ ٽوڙيندي،اُوچا ڳاٽ نه جهڪندا، پ پ سمجهي ٿي ته اسان سنڌ کي کپائي ڇڏينداسين ته به سنڌ خاموش رهندي، ڄڻ اسان وفاق کي سڱ چٽي ۽ بدي ۾ ڏنل آهيون، سڀني صوبن کي ڳنڍي رکڻ جا مک ذريعا آئين، عدليه ۽ درياهه آهن، جيڪڏهن هٿ چراند ٿي ته ان جا نتيجا ابتڙ ٿي ويندا، ڪئنال رٿا ملڪ جي بقاءَ خلاف سازش آهي اهڙو اظهار قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو 24 ميل موري وٽ ڪوٺايل عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته گرين پاڪستان جو مطلب آهي سڄو ملڪ سائو هجي پر شهباز شريف ۽ مريم نواز صرف پنجاب کي سائو ڏسڻ چاهين ٿا، ڪئنال رٿا ملڪ جي بقاءَ خلاف سازش آهي، سنڌ اسيمبلي ڪئنالن تي هلندڙ ڪم جي تصديق ڪري پيپلز پارٽي جي ڳالهايل ڪوڙ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير چيو پئي ته پنجاب ۾ ڪئنال نه پر ماڊل پيا ٺهن، پر سنڌ اسيمبلي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪئنالن جو تعميراتي ڪم زور شور سان جاري آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير آهي يا پنجاب جو ترجمان آهي جو انهن جي زيادتين کي لڪائي پنهنجي ڌرتي جي عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ کي ترجيح پيو ڏئي، هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا، سنڌ جا هاري ۽ مزدور بيروزگار آهن، سندن ٻار تعليم کان محروم آهن، سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين، هن چيو ته ڪئنال رٿا خلاف سنڌ ۾ اٿيل عوامي سمنڊ جي تحريڪ ايم آر ڊي تحريڪ جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي، جيڪي ماڻهو سنڌ کي سڪائي صرف اقتدار ماڻڻ چاهين ٿا تاريخ جا ورق انهن تي سدائين ملامت ڪندا رهندا، قوم کي هاڻي پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي ڪا به ڳالهه ڪنهن کان لڪيل نه آهي، اسان موقف واضع آهي ته سنڌو درياهه تان ڪو به ڪئنال ڪڍڻ ته پري ڳالهه پر پاڻي جو هڪ ڦڙو به کڻڻ نه ڏينداسين، درياھه بچايو ڪميٽي جي جلسي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه ناميارو قانوندان اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو، جلسي ۾ زاھد رمداڻ، آبادگار اڳواڻ نصير رمداڻ، شمس رمداڻ، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مجيد ٻگھيو، ڪرڙ ريٻاري، شوڪت نوحاڻي، صديق اوٺو، احسان جروار، بابو نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، مقصود ڀرڳڙي، رازو مل ڪولھي،.لڇمڻ داس، ارباب نوحاڻي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن توڙي هارين سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، 24 ميل موري پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون ۽ لنگيون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو ويو. جلسي عام ۾ درياھه تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، پاڻي کوٽ ختم ڪيو، معاشي قتل عام بند ڪيو جا وقفي وقفي سان زوردار نعرا ھنيا ويا.

 

Leave A Comment