ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ سان گڏ ڪمون شهيد، ڪراچي ۽ ڊيرا موڙ وٽ ڌرڻن جو اعلان، پ پ وفاق کان ڌار ٿئي: وڪيل قيادت

اپريل 22, 2025

سکر/خيرپور(رپورٽ: ممتاز بخاري، فاروق سومرو، عرفان ڦلپوٽو) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو جاري، ڪور ڪاميٽي جو اجلاس، سموري سنڌ بار ايسوسئيشنز جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين جي شرڪت، حڪومت کي ڏنل 72 ڪلاڪن جي مهلت ختم ٿيڻ بعد رد عمل کي تيز ڪرڻ جو فيصلو، ڪمون شهيد، ڪشمور ۽ ڪراچي ۾ ڌرڻن جو اعلان، اسپتالن ۾ ٽوڪن هڙتال ڪئي ويندي، حڪومت کي سنڌ دشمن ڪئنالن واري رٿا ختم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 72 ڪلاڪن جي مهلت، حڪومت سنجيدگيءَ نه ڏيکاري ته ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪري ٽرينون بند ڪيون وينديون، وفاقي حڪومت مهلت تائين نوٽيفڪيشن جاري نٿي ڪري ته پ پ کان وفاقي حڪومت سان اتحاد ختم ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب سنڌو درياءَ تي تڪراري 6 ڪئنالن واري رٿا، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ڪالهه پنجين ڏينهن به جاري رهيو، ڪالهه وڪيلن جي ڪور ڪاميٽيءَ جو اجلاس ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ، هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو، سکر هاءِ ڪورٽ بار جي صدر قربان ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ پوري سنڌ مان بار ڪائونسل جي صدرز ۽ جنرل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي.،ڪور ڪاميٽيءَ جو اجلاس چئن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، اجلاس ختم ٿيڻ بعد ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ڪئنالن واري رٿا ختم ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن تائين جاري رهندو، حڪومت کي 72 ڪلاڪ جو وقت ڏنو هو، هاڻي اِن ۾ شدت آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوري سنڌ جي بار ڪائونسلز ۾ هڙتال جو اعلان ڪريون ٿا، جڏهن ته ڪراچي، ڪشمور، ڊيرا موڙ ۽ ڪمون شهيد تي ڌرڻا شروع ڪيا ويندا، وفاق ڪئنالز منصوبو ختم نه ڪيو ته پ پ کي 72 ڪلاڪن جو الٽميٽم ڏيون ٿا ته هوءَ حڪومت کان الڳ ٿي وڃي، عامر نواز وڙائچ چيو ته اسپتالن جا ڊاڪٽرز به پوري سنڌ ۾ ٽوڪن هڙتال ڪندا، 72 ڪلاڪن کانپوءِ ڪئنالن وارو منصوبي کي ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين، هن چيو ته خميس ڏينهن ٻيهر اجلاس طلب ڪيو ويندو، جنهن ۾ آئيندهه جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو، وڪيل اڳواڻ چيو ته اهڙو منصوبو ڀارت ۾ به تجويز ڪيو ويو هو پر اهو ڪامياب نه ٿي سگهيو، اسان سان سنڌ جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو رابطي ۾ آهن، اسان سان ڪنهن وفاقي وزير ناهي ڳالهايو، فقط ميڊيا تي بيان ڏئي رهيا آهن، اسان پنهنجي ڌرڻي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي نه پيا روڪيون، هڪ سوال جي جواب ۾ عامر نواز وڙائچ چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته اسان ان جي جلسي ۾ شرڪت ڪريون ته ميڊيا تي نه پر باضابطا دعوت ڏئي، اسان کي باضابطا دعوت ملندي ته ڪاميٽي فيصلو ڪندي ته پ پ جي جلسي ۾ ضرور شرڪت ڪبي، هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ آهي ته ڪئنال منصوبو ختم ڪيو، هن جو چوڻ هو ته استاد به رابطي ۾ آهن پر اسان ٻارن جي تعليم متاثر نٿا ڪرڻ چاهيون، وڪيل اڳواڻ ارشد کوکر چيو ته پاڻي بند ڪرڻ کي اسان غير فطري ۽ غير شرعي عمل سمجهون ٿا، جيڪڏهن اسان جو مطالبو نه مڃيو ويو ته ريلوي ٽريڪ کي بند ڪري ٽرينون بند ڪري ڇڏينداسين، بئريسٽر سرفراز ميتلو چيو ته ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي اوهان مقامي ماڻهن بجاءِ واپارين کي زمين ڏئي رهيا آهيون، ٻئي پاسي ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ اياز لطيف پليجو، زين شاهه، رياض چانڊيو، حيدر قادري سميت مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اياز لطيف پليجو چيو ته پيپلزپارٽي نواز ليگ کان الڳ ٿئي ته حڪومت ئي نه رهندي، پيپلزپارٽي وارا عوام کي دلاسا ڏيڻ ڇڏي ڏين، زرداري فيصلو ڪري اپوزيشن بئنچن تي ويهي، نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز سمجهي وڃن، هاڻي سنڌي ڪاوڙيل آهن، انهن جو اکيون ڳاڙهيون آهن، هن چيو ته اوهان پاڪستان ٽوڙي بنگال الڳ ڪيو، اوهان سودا پاڻ ڪريو ۽ سوال سنڌين کان ڪيو ٿا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوهان جي عزت، ساک، بچائي، ايٽمي بم ڏنو، اوهان اُن کي جيل ۾ وجهي اُن جو لاش ڏنو، سائين جي ايم سيد قرارداد پاڪستان منظور ڪندڙ هو ان کي غدار قرار ڏنو ويو، رسول بخش پليجو ايم آر ڊي تحريڪ هلائي جنهن کي جيل ۾ وڌو ويو، بينظير ڀٽو پاڪستان جي ڳالھه ڪئي موٽ ۾ لاش ڏنو،  هن چيو ته سنڌي اڪيلا ناهن، دنيا اوهان کان لاتعلق بڻيل آهي، زين شاهه چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ جا اڳواڻ منافقت واري سياست ڪري رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌو درياءَ ۽ زميون لکي ڏنيون آهن، هاڻي به رستو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو اپروئل واپس وٺي ڇڏي، باقي جلسا ڪري سنڌ جي عوام کي ٿڌو ڪرڻ ٿا چاهين پيا. پر هاڻي سنڌ جي عوام سجاڳ ٿي ويو آهي، اسين اسيمبلين جي ريزوليوشن کي نٿا مڃون ڇهن ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن ختم ڪري جان ڇڏائين، رياض چانڊيو چيو ته توهان ڪارپوريٽ فارمنگ  جي نالي تي سنڌي ماڻهن جي پيرن هيٺيان زمين  ڪڍو پيا، ست ڪروڙ سنڌي عوام جي درياءَ جي ڌاڙي جو جوابدار بلاول ڀٽو زرداري آهي.

Leave A Comment