ڪئنالن خلاف 20 اپريل تي شٽربند هڙتال جو اعلان، هر احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا: صنعان قريشي

اپريل 8, 2025

رتوديرو (رپورٽ: فرمان عبدالله ڀٽو) رتيديري ۾ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي 13 هين ورسي جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران ملهائي وئي. جسقم ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن جي تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهيد جي مزار تي آيل ڪارڪنن سندس گلن جي ورکا پڻ ڪئي. ورسي تقريب کان پهريان شهيد جي روح جي ايصال ثواب لاء قرآن خواني پڻ ڪرائي وئي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي رهائشگاه موٽڻ پور پاڙي مان جسقم جي مرڪزي قيادت امجد مهيسر، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، عزيز شيخ  ۽ ڪارڪنن سان گڏ مزار تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهيون. شهيد کي قومي سلامي پيش ڪري ڀيٽائون ڏنيون ويون. جلسي گاه ۾ پهتل ماڻهن سنڌو درياء مان اڌجندڙن تڪراري ڪئنالن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته شهيد بشير خان قريشي سڄي عمر سنڌ ڌرتي لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، سنڌ جي روڊن تي تاريخي ڌرڻا هنيا، سنڌ ۾ عام هڙتالون ڪرايون. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ 6 غير قانوني ڪينالن واري جدوجهد ۾ سنڌ کيس ياد ڪري ٿي. هن ڪراچي ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري فريڊم مارچ ڪري سنڌ جي آزادي جو ڪيس عالمي ادارن تائين پهچايو، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو تاريخ ضرور انصاف ڪندي. ھن چيو ته  سڀ کان وڏو مسئلو سنڌو درياھ جي پاڻي جو آهي، پنجاب ۽ وقت جا حڪمران سنڌو درياھ مٿان غير قانوني طور تي 6 ڪينال ٺاهي، سنڌو درياھ کي سُڪائڻ ٿا چاهين. سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آهي، سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڪينال ۽ ڊيم قبول ناهي. ڪينالن خلاف سموري سياسي جدوجهد جي حمايت ڪريان ٿو ۽ سنڌو درياھ تي ٺهندڙ 6 ڪينالن خلاف 20 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ عام هڙتال جو سڏ ڏيان ٿو، جنهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ماڻهو کي اپيل ڪريان ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن  حڪمران  پنهجي ضد تان نه لٿا ته  پوءِ 25 اپريل تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي واري قومي جلسي ۾ اهم اعلان ڪندس. صنعان خان قريشي جلسي ۾ سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ ڪينالن خلاف نعرا پڻ هڻايا.

 

Leave A Comment