ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽنگ فارمنگ جي خاتمي تائين جدوجھد جو اعلان: رابطا مهم ٻيهر شروع ڪئي آهي: زين شاهه

مَي 14, 2025

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) درياءَ بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻ سيد زين شاھه پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال منصوبي جي خاتمي تائين رابطا مھم ۽ بيداري مھم شروع ڪري ڇڏي آھي، ڪئنال منصوبا ختم ڪيو ڪاميٽين جا ڊراما نه ڪيو، سنڌ جي ماڻھن جو ريفرينڊم اچي چڪو آھي، سنڌ جو ماڻھو ھاڻي دوکي ۾ نه ايندو توھان کي ڪئنال ختم ڪرڻا پوندا ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت ڪمپنين کي ڏنل زمينون واپس ورتيون وڃن، پرامن جدوجھد ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪرائينداسين، بردباري ۽ مستقل مزاجيءَ سان جدوجھد ھلائي ڪاميابي وٺنداسون حڪومت سيريس ھوندي ته ٽاڪس ڪاميٽي سان معاملو نبيريندي، ايندڙ ٻن مھينن ۾ توھان کي رزلٽ نظر ايندي، ڪمپنين کي ڏنل زمينن جا انگ اکر ظاھر ڪيا وڃن، جيڪي زمينون ڏنيون ويون آھن، واپس ڪريو. حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تقريب کي خطاب ڪندي زين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌي ماڻهن پنهنجي درياءَ جي مالڪي ڪري ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو، هاڻي جيڪڏهن بندوق جي زور تي ڪئنال ٺاهيا ويا ته ان جو مطلب توهان 7 ڪروڙ سنڌين خلاف اعلان جنگ ڪري رهيا آهيو 73ع واري آئين تحت فيصلا آباديءَ جي بنياد تي ٿين ٿا، تنهنڪري قومي اسيمبليءَ ۾ صوبن کي برابريءَ جي بنياد تي نمائندگي ڏئي پوءِ فيصلا ڪيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين انيشيٽِوِ جي نالي تي سنڌ جي هڪ ايڪڙ زمين به ڪنهن کي ڏيڻ نه ڏينداسين، زمينن جي واپسيءَ لاءِ به ڪئنالن جهڙي تحريڪ هلائي ويندي. ان موقعي تي ھاء ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ امير آزاد پنهور، ڌڻي بخش سولنگي، نويد جروار سميت ٻين خطاب ڪيو ان موقعي تي تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر روشن ٻرڙو، حافظ بخش سھڙو، عبدالسميع چانڊيو، رسول بخش، ٿيٻو، خدابخش ٿيٻو، ذوالفقار ٿيٻو، غلام علي ٽالپر، ظھرالدين سھتو، ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وائٽ هائوس کي هدايتون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو