ڪئنال قبول ناهن، پ پ جو پنجاب ۾ ڌار موقف آهي: مرتضيٰ جتوئي
اپريل 10, 2025
راڻيپور (ن پ ا) نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي موٽر سائيڪل ۽ ڦر ڪيس ۾ سوڀوديرو ايٽ راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ تي حملي سبب ورڪ سسپنڊ ھجڻ ڪري ڪيس نه هلايو ۽ 23 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون مٿان ڦر جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، مورو ۾ ھزار گز جي پلاٽ جي قبضي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏھن ته مورو جو چوٿون حصو اسان جي خانداني پراپرٽي آھي، مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيل آهن، ڪورٽ مان پر اميد آھيان، انصاف ملندو، هن چيو ته اسان جي ڊي اي جو حصو آھيون، سڀ کان پھريون جي ڊي اي بيداري مارچ شروع ڪيو، جيڪو بدين کان شروع ڪيو ويو هو، درياءَ بچايو ڪاميٽي جو سربراهه زين شاھ آھي ان جي اڳواڻي ۾ ھر حال ۾ ان سان گڏ آھيون، اسان جو موقف چٽو آھي، هن چيو ته پ پ پنجاب ۾ ھڪڙو ۽ سنڌ ۾ ٻيو موقف اسان جو ناهي، هن چيو ته پ پ وارن ڪينالن واري منٽس تي صحيحون پاڻ ڪيون آھن، ھاڻي چون ٿا ته خبر ناھي، هن چيو ته سنڌ جي زرخيز زمين غير آباد ڪري چولستان جي 12 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪينال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.