ڪئنال منصوبو واپس نه ٿيو ته بندرگاهه بند ڪنداسين: جونيئر ذوالفقار ڀٽو

اپريل 16, 2025

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مان ايندڙ چونڊن ۾ انشاءَ الله حصو وٺي شهيد ڀٽو جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پاڻ سان وٺي هلندس پر في الحال عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي پڪ ناهي ۽ نه ئي ارادو آهي، پاڪستان ۾ سياست تمام پيچيده آهي پر مان پنهنجي وڏن ۽ وڪيلن خاص طور پنهنجي نوجوانن کان سکي رهيو آهيان، جيڪي هن ملڪ جو رستو ڏيکاري رهيا آهن جيڪي ملڪ جي سياسي نظام کان تنگ اچي چڪا آهن، عوام 20 سالن کان صرف اميرن جي سياست ۾ ڪڏهن پ پ ڪڏهن مسلم ليگ ن، ڪڏهن هِن ته هُن جي سياست ڏٺي، پر هنن ڪڏهن اِهو ناهي ڏٺو ته ڪنهن به انهن جي لاءِ ڪجهه ڪيو به آهي، تنهن ڪري هاڻي هي معاملا عوام پنهنجي هٿن ۾ سنڀالي ورتا آهن، جيڪي اسان کي بس اِهو ڏيکاري رهيا آهن ته اسان جي حڪومت ۾ ڪائي به شفافت ناهي، اسان کي خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ايسوسئيشن طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ بار کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي اسان کي اندازو ناهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ ڪائي به شفافيت ناهي ۽ نه ئي ڪو سچ ٻڌائي پيو. هن چيو ته پنجاب ويندڙ روڊ ۽ ريلوي بند ڪرڻ سان ڪئنال منصوبو واپس نه ٿيندو پر ان لاءِ اسان پنهنجي بندرگاهه کي بند ڪري ڇڏينداسين ته هي ڪئنال نه ٺهندا، جيڪڏهن هو اسان جي پاڻي کي روڪيندا ته اسان هنن جي بندرگاهه کي روڪينداسين. هن چيو ته مون کي نه پيو لڳي ته اسين ائين رڪجي وينداسين ڇاڪاڻ اسان جو پنهنجو 26 اپريل تي دادو مورو پل تي احتجاج آهي ان کان علاوه 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ 16 اپريل تي نصيرآباد ۾ احتجاج آهي، روز ڪو نه ڪو احتجاج آهي تنهن ڪري اسان نه رڪنداسين. ڇاڪاڻ اسان کي حڪومت کان واعدو گهرجي ته هي ڪئنال نه ٺهندا، جيئن اسان ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي ۽ اهو منصوبو رڪجي ويو ساڳي ئي نموني اسين 6 ڪئنالن جي خلاف به جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته انڌي ٻلهڻ موهن جو دڙو، سڪندر اعظم، راجا ڏاهر، محمد بن قاسم، سمن، ارغون، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جو راڄ ڏٺو پر اسان جي ٻلهڻ ايترو ظلم ۽ بربادي ڪڏهن نه ڏٺي جيڪو ظلم ۽ بربادي هن حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي، انڌي ٻلهڻ جي آبادي بئراجن ۽ ڊيم جي ڪري جدا ٿي وئي آهي، هن چيو ته اسان کي بيشڪ هڪ جديد نظام ۽ زميني سڌارن جي ضرورت آهي پر اسان ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين.پاڪستان کي بچائڻ لاءِ مظلوم سنڌي، پنجابي، پختون يا بلوچ پنهنجي رت، پگهر، تڪليف ۽ ناراضگي ۾ سڀ متحد ٿي چڪا آهن. چيو ته ڪئنالن خلاف جنگ عزت ۽ سنڌي عوام جي غيرت جي جنگ آهي پر سڀ سنڌي متحد آهن کين خبر آهي ته سندن جي جان جي ڇا قيمت آهي؟

Leave A Comment