ڪئنال منصوبي سان پاڪستان کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي: سرفراز ميتلو
اپريل 22, 2025
سکر: وڪيل اڳواڻ بئريسٽر سرفراز ميتلو چيو ته ڪئنالن وارو منصوبو ملڪ دشمن منصوبو آهي، اوهان اهڙي سازش سان سنڌ کي نه پر پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيا آهيون، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سرمائيدارن ۽ واپارين کي زميون ڏئي رهيا آهيون، زميون مقامي ماڻهن کي ڏنيون وڃن. جيستائين مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو ڪو به وڪيل گهر نه ويندو، هن چيو ته منهنجو پ پ يا ڪنهن سياسي جماعت سان تعلق ناهي رهيو، مان وڪيلن سان گڏ آهيان ۽ گڏ رهندس.