ڪئنال نامنظور: ٽنڊو آدم ۾ گهوڙي سوارن جي احتجاجي ريلي
مارچ 24, 2025
ٽنڊو آدم(ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ شاهنواز جوڻيجو هارس ڪلب پاران شاهجهان جوڻيجو، عقيل احمد ماڪوڙاڻي، محمد خان ٻجورو، اعجاز ميتلو، عبدالغفور ڪيريو، لال محمد بلوچ، زبير ماڪوڙاڻي، يوسف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوڙن جي منفرد ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ گهوڙي سوارن، آبادگارن، هارين، ساڃاھ وندن سميت ڌرتي ڌڻين وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي مقررن ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مان غير قانوني ۽ تَڪراري 6 ڪئنال ڪڍي خُوشحال سنڌ کي بَنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته مَيلا ملاکِڙا، گهوڙن جا شوق سڀ پاڻي سان آھن، سنڌو درياهه سڪي ويندو ته لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي ۽ زراعت ختم ٿي ويندي، جنهن سبب چوپايو مال، جيوت سميت هر شئي ختم ٿي ويندي.