ڪئنال ڪنهن به صورت منظور ناهن، پاڻي زندگي آهي، 7 ڪروڙ ماڻهو مارڻ نه ڏينداسين: پ پ

اپريل 14, 2025

ٽنڊوڄام (ن پ ا) 18 اپريل تي ڪئنالن خلاف جلسي جي تيارين جي حوالي سان راھوڪي لڳ راول ھائوس ۾ عوامي ميڙاڪو رٿيو ويو، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ پارٽي ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جلسي دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن پاران ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر چيو ته اسان واضع چئون ٿا، اسان کي ڪنھن به صورت ۾  ڇهه ڪئنال منظور ناھن، ڪئنال نه ٺهندا، ڇاڪاڻ  ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، ڪئنال جي اڏاوت سان سنڌ ۾ ڪربلا ٿي ويندي، فريال ٽالپر چيو ته پ پ پ آخر دم تائين ڪئنالن خلاف وڙھندي، ان ڪري  18 اپريل تي ٿيندڙ جلسي ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي اسلام آباد کي نياپو ڏيو ته سنڌ جي ماڻھن کي ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھن، ڀرپور جلسي سان اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻھن ۽ ڪامورن کي خبر پوڻ گھرجي ته سنڌ جو عوام ڪئنالن کي ڪنھن به صورت ۾ ٺھڻ  نه ڏيندو، هن وڌيڪ چيو پيپلزپارٽي مظلوم ناهي، پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، آخري ساهه تائين وڙهنداسين، پر ڪئنال نه ٺهڻ ڏينداسين.، سينئر صوبائي شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو  ته 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري عوام ۽ مخالفن کي واضع پيغام ڏيندو ته ڪئنال وارو منصوبو رد ڪنداسين،هن وڌيڪ چيو ته هي رڳو زرعي زمين جو مسئلو ناهي، 7 ڪروڙ ماڻهن جي جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي. جيڪڏهن توهان اسان کان پيئڻ جو پاڻي ڦري ويندا ته ڇا اسان توهان کي 7 ڪروڙ ماڻهن کي مارڻ ڏينداسين شرجيل ميمڻ چيو مخالف سياستدان ڪئنال واري مسئلي تي نڪتا آهن، اهي، پر اھي برساتي ڏيڏر آهن، اسان ڪئنال واري مسئلي تي نه سياست ڪئي آهي، نه ڪنداسين، پر ڪئنال ٺھڻ ھرگز نه ڏينداسين، ان موقعي تي پ پ  پ سنڌي جي صدر نثار کهڙي چيو ته پاڪستان هميشه وڏي نقصان کي منهن ڏنو آهي، هاڻي صرف ڪئنال واري مسئلي جي ڪري اھڙي عمل سان پاڪستان ٽوڙڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪو خطرناڪ رخ آهي، ان ڪري ڪئنال منصوبي جي مسئلي کي ھلڪو وٺڻ نه گھرجي ۽ اھو فيصلو واپس وٺڻ گھرجي، جلسي کي مخاطب ڪندي ڄام خان شورو چيو ته پيپلزپارٽي کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر حيدرآباد جي عوام ڪڏهن به پارٽي کي نه ڇڏيو آهي. ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد جي عوام فيصلو ڪري چڪو آهي ته ڪئنال نه ٺهندا، پارٽي جي ترجمان عاجز ڌامراهه چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي وڏا ڪم ڪيا آهن، ڪئنال منصوبي کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا. 19 اپريل تي مخالفن جو جلسو آهي، پر 17 تاريخ تي عمرڪوٽ مان ئي انهن کي شڪست ملندي. مخالف روئڻ لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن، هن چيو، 18 اپريل جي حيدرآباد واري جلسي کي ڪامياب بڻائي مخالفن کي ڏيکاري ڇڏينداسين ته توهان برساتي ڏيڏر آهيو، ان کان اڳ ان جلسي ۾ شرڪت لاءِ تڪ جي عوام سميت هزارين ڪارڪن راول هائوس راهوڪي تي پهتا، جتي هزارين ڪرسين جو انتظام ڪيو ويو هو. سڪيورٽي لاءِ سوين اهلڪار ۽ ليڊيز پوليس به مقرر ڪئي وئي، راول هائوس راهوڪي ۾ ٿيل اجلاس گھرو وزير ضياء  لنجار، ضياءُ عباس شاهه، ملڪ اسد سڪندر، طارق شاهه ڄاموٽ، علي حسن زرداري، مخدوم فخر زمان، امداد پتافي سميت مرڪزي ۽ ضلعي قيادت موجود هئي.

Leave A Comment