| ڪئناڊا: جسٽن ٽروڊو آمريڪي گلوڪاره کي دل ڏئي ڇڏي |
لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) آمريڪي گلوڪاره ڪيٽي پيري ۽ ڪئناڊا جي اڳوڻي وزيراعظم جٽسن ٽروڊو بابت نئين رپورٽ سندن شاديءَ جي افواهن کي وڌيڪ هٿي ڏئي ڇڏي آهي. غير ملڪي ويب سائيٽ ‘ريڊار آن لائين’ دعويٰ ڪئي آهي ته ٻئي مستقبل جي گڏيل زندگيءَ بابت منصوبا بندي ڪري رهيا آهن، شاديءَ جي تقريب لاءِ پڻ هڪ اهم شخصيت کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. ذريعن موجب تقريب لاءِ ڪيليفورنيا جو گورنر گيون نيوئسم ڪيٽي پيري ۽ جسٽن ٽروڊو جي پهرين پسند آهي، گورنر نيوئسم ٻنهي جو ڪلاسيڪل دوست ۽ حامي سمجھيو ويندو آهي، هو ٽروڊو کي هم خيال اڳواڻ جڏهن ته ڪيٽي پيريءَ کي هڪ بااثر عوامي شخصيت طور ڏسندو آهي.ذريعن موجب ڪيٽي پيري ۽ جسٽن ٽروڊو اڄڪلهه ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ واقع گلوڪاره جي رهائشگاهه تي وڌيڪ وقت گڏ گذاري رهيا آهن. رپورٽ موجب جيڪڏهن جوڙو شادي بعد ڪيليفورنيا ۾ ئي رهائش اختيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.