| ڪئناڊا جو اڳوڻو وزيراعظم ٽروڊو ڳائڻي کي دل ڏئي ويٺو |
ٽورنٽو (ڪلچرل ڊيسڪ) آمريڪي پاپ سنگر ڪيٽي پيري ۽ ڪئناڊا جي اڳوڻي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ۾ پيار ڪهاڻي شروع ٿي وئي آهي، تازو ڪيٽي پيري انسٽاگرام تي پنهنجن موڪلن جون تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ هڪ خاص تصوير سڀني جو ڌيان ڇڪايو. هڪ تصوير ۾ ڪيٽي هڪ خوبصورت ساحلي جڳهه تي جسٽن ٽروڊو کي مٺي (چمي) ڏيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته جسٽن ڪيميرا کي ڏسي مسڪرائي رهيو آهي. ڪيٽي پاران شيئر ڪيل تصويرن ۾ سندس اڳوڻو ساٿي ۽ اداڪار اورلينڊو بلوم پڻ شامل آهي. ٻئي گذريل سال عليحدگي باوجود پنهنجي ڌيءَ جي پرورش ۾ گڏ وقت گذاريندا نظر آيا.